پشاور ۾ خودڪش ڌماڪو، ايڊيشنل آءِ جي هيڊڪوارٽر گن مين سميت شهيد

پشاور (اين اين آءِ) پشاور جي علائقي حيات آباد فيض ٽو ۾ ايڊيشنل اشرف نور آپگهاتي ڌماڪي جي حملي ۾ شهيد ٿي ويو موٽر سائيڪل بمبار گاڏي جي ويجھو   پهچندي ئي پاڻ کي اڏائي ڇڏيو، حيات آباد ۾ بمبار ايڊِيشنل آئي جي اشرف نور جي گاڏيءَ موٽر سائيڪل ٽڪرائي ڇڏي،  ايڊيشنل آئي جي اشرف نور گھر کان آفيس وڃي رهيو هو، ڌماڪي ۾ ايڊِيشنل آئي جي اشرف نور ۽ان جو گن مين مارجي ويو جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿيا، زخمين کي حيات آباد جي استپال ۾ پهچايو ويو جتي هڪ جي حالت ڳڻتي  جوڳي آهي ڌماڪي ۾ 15 کان 20 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، موٽرسائيڪل ۾ به بارود رکيو ويو هو.

ٻئي طرف وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان حيات آباد ڌماڪي جي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ ايڊيشنل آءِ جي اشرف نور ۽ سندس گن مين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي عزم کي ڪمزور نٿو ڪري سگهجي، دهشتگردي خلاف ويڙهه کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين، شاهد خاقان عباسي زخمين کي فوري طور طبي امداد جي فراهمي جي به هدايت جاري ڪئي. جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ايڊيشنل آءِ جي هيڊڪوارٽر محمد اشرف ۽ سندس گن مين جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ايڊيشنل آءِ جي فرض جي ادائيگي دوران پنهنجو سِرَ جو نذرانو پيش ڪيو آهي، شهيد هميشه زندهه رهندا آهن، سڄي قوم کي شهيدن تي فخر آهي. هوڏانهن پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته فساد جا ٻج ڇٽيندڙ ڪڏهن به پنهنجن عزمن ۾ ڪامياب نه ٿيندا، حملو دهشتگردي جي بدترين مثال آهي، ڏوهارين کي ڪٺهڙي ۾ آڻڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *