فاٽا جو عوام سيڪيورٽي فورسز جي امن بحالي لاءِ قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏيندو: آرمي چيف

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پشاور ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ٿيل ايڊيشنل آءِ جي اشرف نور خان کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته اشرف نور جي قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته دهشتگرد ڪاررواين سان اسان جي حوصلن کي ڪمزور نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پوليس سان تعلق رکندڙ ساٿين جي عظيم قربانين کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. سندس چوڻ هو ته وطن کي درپيش خطرن کي نظر ۾ رکندي اسان جو عزم مضبوط آهي، ڌرتي ماءُ کي دهشتگردن مان ڇوٽڪاري لاءِ اسان جو عزم ڪڏهن به ڪمزور نه ٿيندو.

ٻئي طرف  آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته فاٽا جو عوام سيڪيورٽي فورسز جي امن بحالي لاءِ قربانين کي رائيگان نه وڃن ڏيندو، هن اهو پيغام فاٽا يوٿ وفد جي آءِ ايس پي آر جي دوري جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڏنو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب فاٽا يوٿ وفد آءِ ايس پي آر جي دوري دوران فاٽا جي مستقبل بابت يوٿ وفد پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، وفد فاٽا ۾ امن جي بحالي لاءِ پاڪ فوج جي قربانين کي ساراهيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور امن بحالي ۾ فاٽا جي بهادر عوام جي حمايت کي به ساراهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *