آئي ايس ائي جي رپورٽ موجب ڌرڻي وارن جا سياسي مقصد آهن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ فيض آباد انٽرچينج تي مذهبي جماعت جي ڌرڻي تي گذريل ڏينهن ڪيل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آئي ايس آئي جي رپورٽ مطابق ڌرڻي وارن جا سياسي مقصد آهن، مظآهرو ڪندڙن کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته هو قرآن  پاڪ جي تعليم تي عمل ڪن، لکت ۾ حڪمنامي ۾ چيو ويو ته اسلام امن جو دين آهي، امن جو بحث ڏئي ٿو، ڌرڻي وارا قرآن پاڪ جي تعليم جي خلاف قدم کڻِي رهيا آهن. سپريمڪورٽ جي  لکت واري حڪم ۾ چيو ويو ته ضروري ناهي ته ڌرڻون ختم  ڪرڻ جي لاءِ تشدد جو رستو اختيار ڪيو وڃي، رپورٽس موجب مظاهرو ڪندڙن پوليس اهلڪارن تي به تشدد ڪيو، جڏهن ته آئي جي  پوليس جي مطابق رپورٽ ۾ چيو ويو ته هڪ معصوم ٻارڙو طبي امداد نه ملڻ تي فوت ٿي ويو، عدالت ۾ چيو ويو ته  اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڌرڻي وارن احتجاج ۾ قانون اجازت نه ورتي ۽ انهن 21 نومبر جي عدالتي حڪم تي هنن  ججن جي خلاف گٿي زبان استعمال ڪئي، حڪومت عدالتي حڪم جو اردو ۾ ترجمو ڪرائي ۽ وڏي انگ ۾ مظاهر و ڪندڙن تائين  پهچائي،واضع رهي ته جسٽس مشِير عالم ۽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ٻڌل سپريمڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ 21 نومبر تي ڌرڻي جو نوٽيس ورتو هو، عدالتي حڪم سان ڌرڻي وارن فيض آباد انٽرچينج تان هٽائڻ جي لاءِ عدالت 30 نومبر تائين اڳڀرائي رپورٽ گھري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *