پرڏيهي قوتون پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن کان پاسو ڪن: آرمي چيف

ڪوئٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف پرڏيهي ايجنسين ۽ ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته اهي بلوچستان ۾ دهشتگردن جي حمايت ڪري پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش کان باز رهن، آءِ ايس پي آر جي مطابق، آرمي چيف جنرل راحيل شريف پنهنجي ڪوئٽا جي دوري دوران گورنر بلوچستان، وزيراعليٰ، ڪمانڊر سدرن ڪمانڊ سان ملاقاتون ڪيون، جڏهن ته ايف سي هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪري صوبي جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو، آرمي چيف تربت ۾ دهشتگردن هٿان قتل ڪيل مزورن جي مارجڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي عزم ظاهر ڪيو ته بلوچستان جي حۡڪومت جي معاونت ڪندي ان عناصرن جو صفايو ڪيو ويندو، هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگردن کي مدد فراهم ڪندڙ سمورين غيرملڪي ايجنسين ۽ ملڪن کي شڪست ڏئي رهنداسين، آرمي چيف صوبي ۾ امن امان جي صورتحال  ۾ بهتري تي ايف سي ۽ ليويز کي ساراهيندي چيو ته پاڪ فوج صوبي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ بلوچستان جي عوام سان گڏ بيٺي آهي، جڏهن ته ايف ڊبليو او هتي پنهنجي منصوبن تي ڪم جاري رکندي، آرمي چيف چيو ته دهشتگردن، ان جي مددگارن، همدردن، فنانسرز ڪنهن به ملڪ ۾ لڪڻ جي جڳهه نه ملندي ۽ رياستي رٽ کي بحال ڪرڻ جي لاءِ هر حد تائين وينداسين، بلوچڌستان ۾ سيڪيورٽي چئلينجز کي بيان ڪندي راحيل شريف سول ۽ عسڪري قيادت کي مربوط حڪمت عملي تي زور ڏنو ته بلوچستان ام جو قيام مممڪن بڻائي سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *