26 اپريل تي لياري ۾ جلسي جو اعلان، رينجرز جي تجويزن تي عمل نٿا ڪري سگهون: وڏو وزير

حيدرآباد (بيورو)  سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  چيو آهي ته ڪراچي جي اين اي 246 تي ضمني چونڊن جي حوالي سان  رينجرز سنڌ حڪومت کي پولنگ اسٽيشنن  ۾ سي سي ٽي ڪيمرائون ۽ بائيو ميٽرڪ نظام لڳائڻ جون  جون تجويزون ڏنيون آهن  ۽ ان سلسلي ۾ رينجرز اليڪشن ڪميشن سان پڻ رابطو ڪيو آهي جڏهن ته ضمني چونڊن ۾ وقت گهٽ هجڻ سبب انهن ٻنهي تجويزن تي عمل نٿو ٿي سگهي ۽ جيڪڏهن ان طرز جا قدم کنيا ويا ته عام چونڊن دوران سڄي ملڪي ۾ اهڙا قدم کڻڻ لاءِ وفاق توڙي صوبائي حڪومت وٽ ايترا وسيلا ئي نه هوندا ، هن اهڙو اظهار اڄ  ضلعي ڄامشورو ۾ سپر هاءِ وي تي 13 نمبر پوليس چوڪي وٽ خوراڪ واري عالمي تنظيم  طرفان ڪينئڊا ، آسٽريليا ، ڊين مارڪ ، جاپان ، نائيدر لينڊ ۽ آمريڪا  جي گڏيل سهڪار سان سنڌ اندر قدرتي آفتن  جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۽ فوري طور امدادي سرگرميون شروع ڪرڻ لاءِ قائم ڪيل (هيومن ٽرين ، رسپانس فيسلٽي ) ويئر هائوسز جي پراونشل ڊزاسٽرمينجمينٽ  اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) حڪومت سنڌ جي حوالي ڪرڻ ۽ ان جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو _ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي ضمني چونڊن دوران  پاڪستان آرمي کي مقرر ڪرڻ جو مطالبو سمورين پارٽين گڏيل طور تي ڪيو جڏهن ته ملڪ جي اترين علائقن ۾ آپريشن ضرب عضب سبب پاڪستان آرمي مصروف آهي تنهنڪري ضمني چونڊن جي ذميواري رينجرز حوالي ڪئي وئي آهي  ۽ سنڌ حڪومت جي اولين ڪوشش رهندي ته پر امن طريقي سان شفاف چونڊن کي يقيني بڻايو وڃي _هڪ سوال تي هن چيو ته سنڌ اندر نيشنل ايڪشن پلان تحت  آپريشن سان امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي ۽ آپريشن جو اهو سلسلو برقرار رکيو ويندو ته جيئن سنڌ مان ڏوهن جو جڙ کان خاتمو آندو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ پارٽي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري  پڻ واضح هدايتون ڏنيون آهن ته سنڌ جي امن امان تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي _هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته متحدهه اڳواڻ عمران فاروق جي قتل ڪيس جي جاچ لنڊن ۾ هلندڙ آهي ۽ وفاق جو گهرو وزير  ان حوالي سان ڳالهائڻ جو مجاز آهي _ هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته سنڌ اندر  ڪڻڪ جي خريداري لاءِ هر شهر ۾ خريداري مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جيتوڻيڪ بارداني جي ورڇ بابت  ڪجهه شڪايتون پڻ مليون آهن ۽ اميد آهي ته ايندڙ هڪ هفتي اندر بارداني جو مسئلو حل ڪيو ويندو جڏهن ته مليل شڪايتن کي نظر ۾ رکندي 6 ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر ۽ 17 فوڊ انسپيڪٽرن کي معطل پڻ ڪيو ويو آهي _ هن وڌيڪ چيو ته  سنڌ اندر گذريل سال جي 10 لک ٽن ڪڻڪ پڻ موجود آهي جيڪا وڪرو نه ٿي سگهي  جنهن ۾ وفاق طرفان يوڪرين کان خريد ڪيل 7 لک ٽن ڪڻڪ پڻ شامل آهي _ هن چيو ته يوڪرين جي ڪڻڪ کائڻ جي لائق نه هئي تنهن باوجود به يوڪرين کان امپورٽ ٿيل سموري ڪڻڪ سنڌ حوالي ڪئي وئي ۽ واپارين گهٽ اگهه جي لالچ رکي اها ڪڻڪ خريد ڪئي _ان حوالي سان سنڌ حڪومت گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ پڻ پنهنجو رڪارڊ احتجاج ڪرايو ۽ وزير اعظم ڏانهن پڻ خط لکيا آهن _ هن چيو ته هلندڙ سال سنڌ اندر ڪڻڪ جو اضافو فصل ٿيو آهي  ۽ سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي خريداري جو هدف پڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سرڪاري گودامن ۾ ڪڻڪ جو وڏو ذخيرو هجڻ جي باوجود به ڪڻڪ جو اگهه ساڍا 12 سئو کان 13 سئو ڪيو ويو آهي  جيڪو سڄي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ اگهه آهي  _ هن آبادگارن کي خاطري ڪرائي ته مقرر ڪيل هدف کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ته اها پڻ ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي 26 اپريل تي لياري ۾ جلسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه  چيو آهي ته آصف زرداري جلسي دوران اهم اعلان ڪندو، وڏي وزير چيو آهي ته ماڻهو ڀلي ناراض ٿين پر وفاق ڪراچي آپريشن لاءِ ٽڪو به ڏنو آهي. وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته لياري پيپلزپارٽي جو ڳڙهه رهيو آهي ۽ رهندو ۽ 26 اپريل تي ٿيندڙ جلسي کي آصف زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا، جنهن دوران پارٽي جو شريڪ چيئرمين اهم اعلان ڪندو. هن چيو ته ڪراچي آپريشن جو ڪريڊٽ ڪير به کڻي پر عملي ڪم سنڌ حڪومت ڪيو آهي، ماڻهن ڀلي مٿن ناراض ٿين پر وفاق ان آپريشن لاءِ ٽڪو به ناهي ڏنو. سيد قائم علي شاهه چيو ته اڳ به ٽارگيٽيڊ آپريشن سندن سرپرستي ۾ ٿي رهيو آهي ۽ وزيراعظم کيس ڪپتان جو نالو ڏنو، هاڻي به سندن پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي ڪري رهي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته نبيل گبول خلاف ڳالهائڻ لاءِ وٽس گهڻو مواد آهي پر هو ان تي نٿو ڳالهائڻ چاهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *