ڇا يمن تڪرار ڊگھي علائقائي جنگ ۾ تبديل ٿي ويندو؟ ؛ارشاد ڪاغذي

پارليامينٽ جي ميمبرن يمن جنگ ۾ سعودي عرب جي اتحاد ۾ شامل نه ٿيڻ، غير جانبدار رهي گڏيل قومن ۽ اسلامي سربراهه ڪانفرنس کي متحرڪ ڪري امن ڪرائڻ جو سرڪار کي ڪردار ادا ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي. پارليامينٽ ۾ يڪراءِ قرارداد  جي منظور ٿيڻ کان پوءِ عرب ملڪن پاران سخت ردعمل سامهون آيو آهي. متحده عرب امارتن جي پرڏيهي معاملن واري وزير ڊاڪٽر انور محمود گرگاش چيو ته ”پاڪستان ۽ ترڪي جو مبهم ۽ متضاد موقف هڪ يقيني ثبوت پيش ڪري ڇڏيو آهي ته لبيا کان يمن تائين عرب سلامتي جي ذميواري عرب ملڪن کانسواءِ ٻي ڪنهن جي ناهي. يو اَي اِي جي اخبار خليج ٽائمز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر انور محمود گرگاش پاڪستان کي خبردار ڪيو ته پاڪستان کي سعودي عرب پاران يمن مسئلي تي مدد گھرڻ جي حوالي سان مبهم موقف اختيار ڪرڻ جي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي. پاڪستان کي نار جي 6 قومي عرب تعاون ڪائونسل سان پنهنجي اسٽريٽجڪ جي حق ۾ واضح موقف اختيار ڪرڻ گھرجي. پاڪستان جي قرارداد نار ملڪن کان وڌيڪ ايران جو ساٿ ڏيڻ جي عڪاسي ۽ علامت آهي. لڳي ٿو ته پاڪستان ۽ ترڪي لاءِ تهران نار ملڪن کان وڌيڪ اهميت رکي ٿو. اسان جي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جا اثاثا اڻٽر آهن، تنهن هوندي به ان نازڪ موقعي تي پاڪستان ۽ ترڪي جي سياسي حمايت لاپتا آهي. وفاقي وزير چوڌري نثار يو اَي اِي جي وزير جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته ”سفارتي آدابن جو لحاظ ڪونه ڪيو ويو،  پاڪستاني قوم غيرتمند قوم آهي، اماراتي وزير جو بيان عزت نفس جي توهين برابر آهي.“

هڪ فلم ’لارينس آف عربيه‘  جنهن ۾ لارينس جو ڪردار ادا ڪندڙ هڪ زبردست ڊائيلاگ ادا ڪيو ”جيستائين عرب قبيلو ٻي عرب قبيلي سان وڙهي ٿو، تيستائين اهي ننڍڙا، پتڪڙا ۽ هلڪڙا ۽ خصيص ماڻهو آهن، لالچي، ظالم ۽ وحشي آهن.“ اهڙي قسم جي صورتحال يمن ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ هوائي جهاز بم برسائي يمن کي رت ۽ باهه ۾ ساڙي رک ڪيو آهي. ان جي عڪاسي ۽ ثبوت لارينس جي لفظن مان لڳائي سگھجي ٿي. اقوام متحده ۽ يونيسيف پاران هڪ پڌرائي مطابق يمن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 560 ماڻهو جنهن ۾ ڪيئي ٻار به شامل آهن، گھڻو ڪري سعودي اتحادين جي هوائي حملن جي ڪارڻ موت جو بک بنجي ويا آهن. ان کان علاوه 1700 زخمي ۽ هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو پنهنجن گھرن کي ڇڏي دربدري جي زندگي گھارڻ تي مجبور ٿيا آهن. ان صورتحال ۾ جتي مسلمانن جو خون مسلمان وهائي رهيا آهن، ان کي ڪهڙو نالو ڏئي سگھجي ٿو. عرب امارتن جي وزير ڊاڪٽر انور محمود جنگ شروع ڪرڻ وقت هڪ ٽيوٽ ۾ لکيو هو ته يو اَي اِي جي جنگ ۾ شموليت ڏکيو فيصلو هو پر حالتن کي ڏسندي سعودي عرب سان ساٿ نباهيو ويو. هن چيو ته ”اهو مشڪل فيصلو هو، پر حوثين جي پيشقدمي ۽ نار جي ملڪن کي ميزائلن جي خطري جي ڪري سعودي جي قيادت ۾ گڏ ٿيا آهيون. خطي ۾ فوجي  تبديلي جو فائدو ايران حاصل ڪندو، جيڪو حوثين جي مدد ڪري رهيو آهي، تنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگھجي. يمن ۾ تڪرار ۽ حوثين جي بغاوت عرب حڪومتن جي ڪمزوري جي علامت آهي. عرب تعاون ڪونسل جو خطي جي سالميت کي محفوظ رکڻ لاءِ فيصلا ڪن طوفاني ويڙهه هڪ نئون باب آهي.“ ياد رهي ته عمان سرڪار هن جنگ ۾ اڻ ڌريو رهڻ جو عزم ڪيو آهي. عمان جي پرڏيهي وزير يوسف بن علوي چيو ته ”اهڙي قسم جي بحران جو نبيرو ڳالهين ذريعي ٿي سگھي ٿو“. هن چيو ته عمان گھرو ويڙهه ۾ متاثر يمني باشندن کي انسانيت جي ناتي مدد ڪري رهيو آهي. گلف نيوز مطابق 50 کان وڌيڪ يمني مسقط جي اسپتالن ۾ زير علاج آهن، جن ۾ اڪثريت ٻارن جي آهي. هي ڳالهيون عمان جي پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصب جواد ظريف جي عمان جي دوري کانپوءِ ڪيون آهن.ايراني پرڏيهي وزير مسقط کان ٿيندو اسلام آباد پهتو هو. جتي هن عمان جي سرڪاري عملدارن سان وچ اوڀر جي معاملي تي ڳالهيون ڪيون. عمان جا ايران سان ويجها ۽ منفرد لاڳاپا هئڻ جي ڪري هو غير جانبدارآهي ۽ نار تعاون ڪونسل سان جنگ ۾ شريڪ ناهي. هو ڪنهن به تڪرار ۾ گھڻو ڪري ايران ۽ ٻين ملڪن جي وچ ۾ ثالثي وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. ياد رهي ته ايران ۽ امريڪا کي ويجهو آڻڻ ۽ معاهدي ڪرائڻ ۾ سلطان قابوس اهم ڪردار ادا ڪيو هو.

ايران جو سگھارو وفد جنهن جي قيادت پرڏيهي وزير جواد ظريف ڪري رهيو هو، ان وفد ۾ نائب پرڏيهي وزير ابراهيم رحيم پوري، ڊي جي اولهه ـ ايشيا امور رسول اسلامي، ميڊيا صلاحڪار ۽ ٻيا شامل هئا. هن وزيراعظم، آرمي چيف، سرتاج عزيز ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي.هن سرتاج عزيز سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته ”اسان ٻئي ملڪ يمن جي تڪرار جي پُرامن نبيري تي متفق ٿيا آهيون. سعودي عرب حملا بند ڪري ۽ ترت جنگبندي ڪري ته جيئن امن جي عمل ۾ اڳڀرائي ٿي سگھي.“ ان ملاقات جي باري ۾ عرب ميڊيا الحيات هڪ ڇرڪائيندڙ اسٽوري شايع ڪئي آهي، جيڪا پاڪستان ۽ سنڌي اخبارن مَنقُول ڪئي آهي. خبر ڪجهه هن ريت آهي: پاڪستان جي دوري دوران جواد ظريف پاڪستان جي اعليٰ حڪام سان يمن ۾ وسيع البنياد حڪومت ٺاهڻ ۽ سعودي عرب جي اتحاد جي مقابلي ۾ ترڪي سان گڏجي اتحاد ڪرڻ لاءِ چيو پر پاڪستان جي اعليٰ اختيارن ان آپشن ۽ آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. سرتاج عزيز سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته ”اسان حوثين جي فوجي مدد نٿا ڪريون پر وسيع حڪومت لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن امن قائم ٿئي.“ الحيات جي خبر ۾ ڪيتري صداقت آهي، ان باري ۾ وثوق سان ڪجهه چئي نٿو سگھجي، پر ظاهري طرح ايران حوثين جي پاور لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي.ايران جي پرڏيهي وزير جي دوري کان پوءِ پارليامنٽ ۾ جيڪا قرارداد پاس ٿي، تنهن سعودي عرب سميت سموري دنيا کي دنگ ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي غيرجانبدار رهڻ جي فيصلي تي سعودي عرب ۽ نار جا ملڪ سخت ناراض آهن ۽ ان سلسلي ۾ چڙ ڏياريندڙ بيان اخبارن جي زينت بنيا آهن. سعودي عرب جي اڃا به ڪوشش آهي ته هو پاڪستان کي راضي ڪري وٺندو ته جيئن پاڪستان جنگ ۾ شامل ٿئي. ان سلسلي ۾ سعودي عرب جو 5 رڪني وفد، مذهبي وزير صالح بن عبدالعزيز جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد پهتو آهي. يمن جي معاملي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملي تي ڳالهيون ٻولهيون ڪيون وينديون ۽ خاص ڪري موجوده صورتحال تي تفصيلي مذاڪرات ٿي سگھن ٿا. سعودي عرب جي ڪوشش آهي ته پاڪستان کان فوجي مدد ورتي وڃي. ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت ان ڳالهه ۾ عافيت سمجهي ته پارليامينٽ جي ذريعي سعودي عرب جي درخواست جو اڪلاءُ ڪجي ۽ ڌٻاءَ کي ٻي رخ ڏانهن موڙيو وڃي، پارليامينٽ ۾ بحث ٿيو. اوهان جيڪڏهن سياسي اڳواڻن جون تقريرون ٻڌيون ۽ پڙهيون هونديون ته هڪ ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته ڪنهن به اڳواڻ کلي طرح سعودي عرب جي حمايت نه ڪئي. اهي مبهم ۽ اڻ پوريون هيون. مذهبي جماعتن جي مولانا فضل الرحمان توڙي جماعت اسلامي جي سراج الحق به مبهم نموني سان ڳالهه رکي. سرڪار تي اپوزيشن جي سڀني اڳواڻن مبهم انداز، رويو ۽ ڳالهين رکڻ جي تهمت هنئي پر پاڻ به مبهم نموني سان وچور پيش ڪيا. مطلب ته هڪ قسم جو ڏيکاءُ محسوس ٿيو ۽ ان بحث دوران سرڪار جي سنجيدگي نالي ماتر هئي. فوجي اسٽبلشمينٽ ڪنهن به فرقي بندي جي خلاف هئي، تنهن ڪري هن سياسي نموني اڪلاءُ ڪيو. ايران پاران مختلف آپشن پيش ڪرڻ جا افواه پڻ گردش ڪري رهيا آهن. ڪجهه ڏي وٺ جو ذڪر ميڊيا ۾ شايع ٿيو آهي، سعودي عرب جي عربي زبان جي اخبار روزاني الحيات ۾ ايران جي آفر جي رپورٽ پڌري ٿي آهي. پاڪستان کي سعودي عرب هر ڏکي وقت ۾ مدد ڪندو رهيو آهي.

زميني حقيقتن ۽ ماضي جي غلطين کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو ويو ۽ ويچار ڪيو ويو ته يمن جي جنگ ۾ ڪڏي پوڻ سان وڌيڪ نقصان رسندو. مثال طور ايران، يمن ۾ حوثي باغين کي هٿيار وغيره ڏئي ٿو ۽ جيڪڏهن پاڪستان هن جي خلاف جنگ وڙهندو ته هتي فرقه بندي ۽ فرقيواريت وڌندي، جنهنڪري اهو ڏڦيڙ پرائي جنگ جي ڪري هاڃيڪار ثابت ٿيندو. فوج جنگ ۾ مصروف آهي ۽ جيڪڏهن پنهنجا جوان يمن موڪلي ها ته ٻن محاذن تي لاجسٽڪ، انٽيليجنس، ۽ اسٽريٽجڪ مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ دشواري ٿيڻ جو احتمال هو.

پاڪستان جي ان فيصلي تي مشهور اسڪالر عارف رفيق جي ڳالهه ٻولهه جو تت پيش ڪريان ٿو ته جيئن هن اسڪالر جي مفيد ڳالهين جي روشني ۾ سموري حالت کان واقف ٿي سگھجي. ”1969ع ۾ پاڪستان جي پائليٽن يمن جي اندر حوثين باغين جي ٺڪاڻن کي نشانو بنايو، سعودي عرب جي حفاظت لاءِ اهو قدم کنيو ويو. 1980ع ۾ پاڪستان، سعودي عرب کي درپيش اندروني خطري جي ڪري 15000 فوجي جوان حفاظت ڪرڻ لاءِ موڪليا. توهان کي خبر هوندي ته 1998ع ۾ جڏهن پاڪستان ايٽم بم جي تجربي ڪرڻ جي ڪري پابندي جو شڪار هو ته سعودي عرب 500000 بيرل پئٽرول مفت ۾ پاڪستان کي ڏنو هو.“ هڪ ٻي سوال جو جواب ڏيندي مشهور اسڪالر چيو ته ”جيئن ته اوهان کي معلوم آهي ته يمن جي اندر ڪارروائي ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي فوج موڪلڻ جي سلسلي ۾ پارليامينٽ زميني حقيقتن کي مدنظر رکي سٺو ۽ اهم فيصلو ڪيو آهي. 9/11 کان پوءِ اٽڪل 80000 ماڻهو دهشتگردي ۾ مارجي ويا آهن، تنهن ڪري يمن جي جنگ ۾ حصو وٺڻ جي ڪري اڃا وڌيڪ حالتون خراب ٿي وڃڻ جو انديشو هو. هتان جا ماڻهو خوف ۾ ورتل آهن ۽ هڪ ٻي  جنگ ۾ ٽپي پوڻ سان پرائي پراڪسي وار جي ور چڙهي وڃڻ سان نقصان ٿئي ها. (مشهور اسڪالر، مڊل ايسٽ انسٽيوٽيت جي محقق اين پي آر سان گفتگو ۾ چيو.)

مختلف ٿيوريز گردش ڪري رهيون آهن پر انهن سڀني ڳالهين جي هوندي اهو چوڻ مناسب ٿو لڳي ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت جيڪو فيصلو ڪيو آهي، اهو سوچي سمجهي ڪيو آهي. پوءِ کڻي پارليامينٽ جو سهارو ورتو ويو ته جيئن پاڻ تان بار هٽائي ٻين جي ڪلهي تي رکجي. هن فيصلي تي پاڪستان جي عوام خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ ان جو اثر ملڪي صورتحال تي مثبت پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *