پاڪستان کي ڪو به خطرو ناهي خطرو صرف سنڌ جي زردارن کي آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ /اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چٽو ڪيو آهي ته جيڪڏهن مخالف ڌر ذميواري جو مظاهرو نه ڪيو ته اسان پاران به سهڪار جي اميد نه رکي وزيراعظم جي ايوان ۾ اچڻ تي مخالف ڌر جو رويو اهڙو هيو جيئن ڪنهن بازار ۾ اچي ويا. ايوان کي جماعت ۽ حڪومت جي حيثيت سان مڇي مارڪيٽ نه بڻجڻ ڏينداسين مراد علي شاهه پاڻ ٻڏي رهيو آهي پاڪستان ۽ سنڌ کي ڪو به خطرو ناهي مسئلو افغانستان جي حل ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي پاڪستان ۾ نئين ويزا پاليسي متعارف ڪرائي وئي آهي 175 ملڪن کي اي ويزا جي سهولت ڏني آهي. پنجاهه ملڪن کي ايئرپورٽ لائونچ تي ئي ويزا ڏني ويندي. سياحن کي ڪنٽونمينٽ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ اين او سي جي ضرورت نه پوندي جمعي تي پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري فواد حسين چيو ته موجوده حڪومت ۾ 70 سالن کانپوءِ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي هن چيو ته 1965 تائين پاڪستان هڪ بهترين ملڪ رهيو چوڌري فواد چيو ته پاڪستان سياحن لاءِ جنت آهي هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ چار طبقا آهن هن چيو ته بزنس ويزا جي سهولت 96 ملڪن تائين وڌائي وئي آهي هن چيو ته ڊپلوميٽڪ ڪارڊ جو مدو ٽن سالن تائين وڌايو ويو آهي. هن چيو ته اسٽوڊنٽس لاءِ ويزا مدو ٻن سالن تائين وڌايو آهي هن چيو ته صحافين جو ويزا سڌ سماءَ واري وزارت ڏسندي. سڌ سماءَ جي وزير چيو ته نئين سياحتي پاليسي سان پاڪستان ۾ بهتري ايندي هن چيو ته امپورٽ کي گهٽ ۽ ايڪسپورٽ کي وڌائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته نئين سياحتي بل تي فائديمند ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي فواد حسين چيو ته وزيراعظم جڏهن ايوان ۾ اچي ٿو ته اپوزيشن جو رويو مختلف هوندو آهي. شاهد خاقان عباسي جڏهن وزارت ڇڏي ته 157 ارب رپين جو قرض ڇڏيو هن چيو ته وزيراعظم جي بهتر پاليسين سان پاڪستان کي دنيا جي نقشي تي مٿي آندو ويو آهي، هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي پهرين خطاب ۾ چونڊن جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف کي پي اي سي جو چيئرمين بنائڻ تي ڪافي مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو هن چيو ته پارليامينٽ کي هلائڻ رڳو حڪومت نه پر مخالف ڌر جي به ذميواري آهي هن چيو ته ماِڊل ٽائون ۾ خراب ڪردار ماڻهو اڄ ساهيوال واقعي تي ڳالهائي رهيا آهن هن چيو ته ماڊل ٽائون ۾ رٿابندي سان رتوڇاڻ ڪئي وئي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان صاف ڪردار جو مالڪ سياستدان آهي هن چيو ته صحافين کي لانگ ٽرم ۽ شارٽ ٽرم ويزا جاري ڪنداسين ڊگري پروگرام لاءِ ٻه سال ۽ ماسٽر پروگرام لاءِ چئن سالن جي ويزا ڏينداسين.  سندس چوڻ هو ته شهباز شريف ۽ سعد رفيق خلاف نيب انڪوائري مذاق بڻجي وئي آهي، سندن پروڊڪشن آرڊر جاري ٿين ٿا ۽ پروٽوڪول ڏنو ويندو آهي.  فواد چوڌري چيو ته ماڊل ٽائون ۾ منصوبا بندي تحت قتل عام ڪيو ويو،  ساهيوال واقعو ته غلطي سان ٿيو آهي. هن چيو ته سنڌ وارن جون دليون اڄ ڪلهه ڪمزور آهن مٿن وڌيڪ بار نه وڌو وڃي، وزيراعظم سنڌ جا دورا ڪندو، پاڪستان کي خطرو ناهي پر سنڌ جي زردارن کي خطرو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *