سڀ وهندڙ گنگا ۾ هٿ ڌوئڻ ۾ لڳي ويا آهن، ڪنهن کي به پرواهه ناهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم پي ايز هاسٽل جي اڏاوتي فنڊز ۾ گهوٻين واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواستگذار ۽ وڪيل جي عدم حاضري تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڀ وهندڙ گنگا ۾ هٿ ڌوئڻ ۾ لڳي ويا آهن، ڪنهن کي به پرواهه ناهي. عدالتي حڪمن باوجود سنڌ سرڪار ڪي ايم سي، ڪي ڊي اي ۽ ٻين شهري حڪومت جي ملازمن جا تفصيل پيش ڇو نه ڪيا آهن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته درخواستگذار به پريشان آهي ۽ سنڌ حڪومت به پريشان آهي، اسان کي سڀ خبر آهي. عدالت سنڌ سرڪار کان مختلف کاتن ۾17 سالن کان ٿيندڙ ڀرتين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. ٻڌڻيءَ دوران ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ طرفان 6 هزار 626 ملازمن جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته عدالت درخواستگذار کي 22 فيبروريءَ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. گذريل ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار جي وڪيل ايم پي اي هاسٽل جي فنڊز ۾ مبينا گهوٻين خلاف درخواست واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي هئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته سنڌ اسيمبلي جي نئين عمارت جي اڏاوت ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن ٿي آهي، پي سي ون موجب عمارت جو ڪاٿو 2 ارب 70 ڪروڙ لڳايو ويو، جنهن کي بعد ۾ وڌائي 11 ارب 40 ڪروڙ ڪيو ويو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *