18 ڪميٽين جي سربراهي اپوزيشن حوالي، حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اسٽيڊنگ ڪميٽين جي جوڙڻ تي اتفاق

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ اسٽيڊنگ ڪميٽين جي جوڙڻ واري معاملي تي اتفاق راءِ ٿي ويو. ذريعن جو ٻڌائن آهي ته مخالف ڌر کي 18 ۽ حڪومت کي 20 اسٽيڊنگ ڪميٽين جي سربراهي ملندي. ذريعن موجب مخالف ڌر پارٽين پاڻ ۾ اسٽيڊنگ ڪميٽين جي سربراهي طئي ڪري ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ کي 9، پيپلز پارٽي کي 6، ايم ايم ا کي 2، اي اين پي کي 1 ڪميٽي جي سربراهي ملندي. اسٽيڊنگ ڪميٽين جي جوڙڻ وارو نوٽيفڪيشن سومر 28 جنوري تي جاري ڪيو ويندو. ٻئي پاسي مسلم ليگ ن ليگ جي پارليماني ڳالهين واري گروپ جي اجلاس ۾ اسٽيڊنگ ڪميٽين جي چيئرمين شپ لاءِ نالن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ذريعن موجب پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سميت مسلم ليگ ن جي 9 اسٽيڊنگ ڪميٽين جي لاءِ 13 ميمبر ميدان تي اچي ويا. چيئرمين شپ جي اميدوار گهڻا هئڻ جي ڪري حتمي فيصلو شهباز شريف تي ڇڏيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ کي مواصلات، سڌ سماءَ، ريلويز، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، دفاعي پيداوار جي سربراهي ملندي. وفاقي تعليم ۽ تربيت، واپار ۽ ٽيڪسٽائيل، قومي خوراڪ تحفظ جون ڪميٽيون به ن ليگ کي ملنديون. ان کان سواءِ ڪشمير ۽ گلگت جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سربرهي به ن ليگ کي ملندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *