
اسلام آباد (م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته لائن آف ڪنٽرول تي صورتحال تمام گهڻي ڇڪتاڻ واري آهي ۽ وزير اعظم لنڊن ۾ خريداري ڪرڻ ۾ رڌل آهي. سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته ڪنٽرول لائن ۽ پاڪستان جي اوڀر واري دگ تي صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي، پر وزير اعظم نواز شريف اڄ ڪلهه موڪلن جا مزا ماڻي رهيو آهي ۽ لنڊن ۾ خريداري ۾ مصروف آهي.