فواد خان هندو تنظيمن جي ڌمڪين کانپوءِ پاڪستان موٽي آيو:پرڏيهي ميڊيا

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته هندو انتهاپسند تنظيمن پاران ملڻ وارين سنگين ڌمڪين سبب فواد خان ڀارت ڇڏي واپس پاڪستان هليو ويو آهي. اڙي حملي کانپوءِ ڀارت پاران پاڪستان تي هڪٻئي پويان الزامن جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ڀارتي هندو انتهاپسندن ته پاڪستاني فنڪارن کي 48 ڪلاڪن ۾ ڀارت ڇڏڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون آهن ۽ هاڻ ڀارتي ميڊيا ان ڳالهه جي دعويٰ ڪري رهي آهي ته پاڪستاني اداڪار فواد خان ڀارت ڇڏي ڏنو آهي.  ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستاني اداڪار فواد خان هندو انتهاپسند تنظيم جي ڌمڪين کانپوءِ ڀارت ڇڏي پاڪستان واپس هليو ويو آهي ۽ في الحال هن جي جلد واپسي جو ڪو ارادو ناهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فواد خان کي پنهنجي ٻئي ٻار جي پيدائش جي سلسلي ۾ پاڪستان ته وڃڻو ئي هو، پر هاڻ واپسي جا امڪان تمام گهٽ لڳي رهيا آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ۾ هندو انتهاپسند جماعت مهاراشٽر انو نرمان سينا پاڪستاني فنڪارن کي 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن انهن ڀارت نه ڇڏيو ته هو سنگين نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *