قوم ڪرپشن جو خاتمو ۽ حڪمران پنهنجو اقتدار بچائڻ چاهين ٿا: سراج الحق

لاهور (م.ڊ) جماعت اسلاميءَ جي امير سراج الحق چيو آهي ته قوم ڪرپشن جو خاتمو ۽ حڪمران پنهنجو اقتدار بچائڻ چاهين ٿا، احتساب کان ڀڄندڙ حڪمرانن وٽ حڪومت ۾ رهڻ جو ڪو جواز ناهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق جو چوڻ هو ته وزيراعظم پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪري ته ٻين جو احتساب به شروع ٿي ويندو، هن چيو ته ڀارتي جنگي ارادن تي حڪومت ۽ مخالف ڌر جو گڏيل اجلاس ٿيڻ گھرجي، ڀارت خلاف هر سطح تي ڀرپور تياريءَ جي ضرورت آهي، ڪشمير ڀارت جي هٿان نڪرندو پيو وڃي جنهن تي هو سخت ڪاوڙ ۽ گھٻراهٽ جو شڪار آهي، سراج الحق جو چوڻ هو ته ڪرپشن خلاف فيصل آباد، رائيونڊ جا ڌرڻا ڪامياب ٿيندا، وزيراعظم جنرل اسيمبليءَ ۾ سٺي تقرير ڪئي جنهن کان پوءِ هُو بلڪل چُپ آهي. ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف عالمي سطح تي آواز اٿارڻ گھرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *