پاڪستاني ٽيلينٽ کي فٽنس جي نالي تي ضايع ڪيو پيو وڃي: عاقب جاويد

 

لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عاقب جاويد چيو آهي ته قومي ٽيم لاءِ فٽنس ڪلچر تي سوال اٿاري ان کي نقصانڪار قرار ڏيندي پاڪستاني ٽيلينٽ کي فٽنس جي نالي تي ضايع ڪيو پيو وڃي.عاقب جاويد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن تيز ڀڄڻ ئي اهم هوندو آهي ته انضمام الحق ڪڏهن به کيڏي نه سگهي ها ۽ ويسٽ انڊيز جو ڪرسل گيل جي صلاحيتن کي ڪير به ڏسي نه سگهي ها، راڻا ٽنگا جو مثال سڀني سامهون آهي، هنن سڀني پنهنجي ٽيڪنڪ ۽ مهارت تي نالو ڪمايو، اسان کي ان شيءَ کي سمجهڻو پوندو ته ڪرڪيٽ فٽبال ناهي، جنهن ۾ رڳو تيز ڀڄڻ جي اهميت هجي ٿي.هن چيو ته فٽنس جي اهميت پنهنجي جاءِ تي ڪنهن حد تائين صحيح آهي پر ان کي بنياد بڻائي بهترين ٽيڪنڪ ۽ ٽيلينٽ رکندڙ ڪرڪيٽرن کي پاڪستاني ٽيم کان پري ڪري نٿو سگهجي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *