وفاقي ڪابينا بلاول ڀٽو ۽ مراد شاهه جا نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منوظري ڏئي ڇڏي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ تي غور ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا ٻنهي ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪوڙي اڪائونٽس ڪيس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي پنهجي جاچ بعد آصف علي زرداري سميت 172 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪئي هئي. وفاقي ڪابينا جي آءِ ٽي جي سفارشن جي روشني ۾ سمورا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. 7 جنوري تي ان ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.ٻئي طرف  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ايوان ۾ 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان فيصلا ٿيندا آهن ۽ هڪ ٻه اڻ چونڊيل ماڻهو قلم جي چهنب سان ختم ڪري ڇڏين ٿا تنهن ڪري جمهوريت ۾ هو نه ٿو ٿي سگهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيف جسٽس جي آءِ ٽي کان پڇا ڪئي ته ڪنهن جي چوڻ تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو پر ان سوال جو جواب ئي نه ٿو ملي، جڏهن ته وزيراعظم ايوان جي اجلاس ۽ اي سي ايل بابت بيان ڏنو سٺو ٿي ها ته وزيراعظم ٽوئٽ بدران اسيمبلي ۾ بيان ڏي ها، وزيراعظم سامهون ڳالهائي ته جيئن کيس سامهون جواب ڏيو پر کيس همت ئي ناهي. هن چيو ته  سنڌ سرڪار اين آءِ سي وي ڊي جهڙيون عالمي معيار جون اسپتالون قائم ڪيون جنهن ۾ مفت علاج ڪيو ويندو آهي، هي دنيا ۾ مفت علاج جي سهولت ڏيندڙ وڏو ادارو آهي،  جيڪڏهن واقعي سپريم ڪورٽ هي ادارو سنڌ کان کسي ٿي ته منهنجي لاءِ سنڌ جي عوام کي سمجهائڻ ڏکيو هوندو، مان سمجهندس ته ارڙهين ترميم تي حملو آهي. هن چيو ته  وزيراعظم ملڪ هلائڻ لاءِ سڄي دنيا مان چندو  گهري رهيا آهن، 14 بلين جي اين آءِ سي وي ڊي هلائڻ لاءِ ڪٿان پسئو آڻيندا،  جيڪڏهن اهو فيصلو ٿئي ٿو ته ڪهڙي گارنٽي آهي ته هي پئسو ڏيندا ۽ اسپتال ۾ مفت علاج جاري رهندو ڇو ته ايئن ممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته اپوزيشن اتفاق ڪيو آهي ته عوام جي معاشي، انساني ۽ جمهوري حق تي سوديبازي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، هڪ  ڏينهن ايندو پي ٽي آءِ به مسئلن تي اسان جو ساٿ ڏيندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو ملڪ جي مفاد ۾ آهي، اسان پنهنجي معاشي حقن تي سوديبازي نه ڪنداسين، جدوجهد کانپوءِ صوبن کي حق مليا آهن، ڪو به اهي کسي نه ٿو سگهي ۽ نه وري ڇنڻ ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *