پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحاليءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿو: اي بي ڊي ويليئرز

 

جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز)اي بي ڊي ويليئرز جو چوڻ آهي ته پاڪستان وڃڻ جو مناسب وقت اچي ويو آهي. اي بي ڊي ويليئرز چيو آهي ته ڪجهه سال اڳ مان به مونجهاري جو شڪار هيس، ٻين رانديگرن جا به خدشا هئا، مان محسوس ڪيو آهي ته هاڻ حالتون بهتر ٿي ويون آهن، مناسب وقت آهي ته پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريان، هن چيو ته مان پاڪستان وڃي نه صرف دوري مان لطف اندوز ٿيڻ چاهيان ته پر سڄي دنيا کي اهو ٻڌائڻ مقصد آهي ته هي سفر لاءِ محفوظ ملڪ آهي. هن چيو ته منهنجو عالمي ڪرڪيٽ مان رٽائرمنٽ واري فيصلو درست هو، مان نه پيو سمجهان ته عالمي اسڪواڊ ۾ شموليت لاءِ  ڏکڻ آفريڪي بورڊ مونسان رابطو ڪري ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *