پاڪستان، افغانستان ۽ مصر جو سمورن شعبن ۾ تعاون، ٻه طرفي سياسي رابطن ۽ ڏي وٺ وڌائڻ تي اتفاق

مڪه (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان مصر جي صدر ۽ افغانستا جي صدر سان ڌار اڌار ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم عمران خان 14 هين اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي جمعي تي مصر جي صدر عبدالصح علي اسيسي سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ ٻين الاقوامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، مسلم امت جي مسئلن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻنهي اڳواڻن سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻه طرفي سياسي رابطن ۽ ڏي وٺ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، وزيراعظم عمران خان ۽ افغان صدر اشرف غني جمعي تي 14 هي اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات ڪئي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران بيان موجب ملاقات دوران پاڪ افغان ٻه طرفو لاڳاپا ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *