اتر وزيرستان واقعي خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو هنگامو، اجلاس ملتوي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اتر وزيرستان جي علائقي بويا ۾ خار قمر چيڪ پوسٽ تي چڪرين ۽ 13 ڄڻن جي مارجڻ جي واقعي خلاف قومي اسيمبليءَ ۾ شديد هنگامو ڪيو ويو. حڪومتي ميمبرن  پي ٽي ايم ۽ سندن اسيمبلي ميمبرن محسن داوڙ ۽ علي وزير تي تنقيد ڪندي اسيمبلي ميمبرشپ معطل ڪرڻ جڏهن ته پي ٽي ايم جي حامين کي ملڪ مان ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو. مخالف ڌر جي ميمبرن سخت رد عمل ظاهر ڪندي سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو ۽ اسپيڪر جي ڊائس جو گهيراءُ ڪري نعريبازي ڪئي. تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبر علي محمد خان جي تقرير تي هنگامو ڪيو جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري به پنهنجي سيٽ تي بيهي احتجاج ڪيو. خرم دستگير ايس پي طاهر داوڙ جو معاملو اٿاريندي چيو ته ايس پي طاهر داوڙ جي قتل بابت حقيقتون نه ٻڌايون ويون آهن، حڪومت ٻڌائي ته هڪ ايس پي کي ٻن صوبن مان گذاري ڪيئن افغانستان منتقل ڪيو ويو، طاهر داوڙ هڪ بهادر آفيسر هو، حڪومت سندس قتل تي خاموش ڇو آهي. شهريار آفريدي چيو ته ماضي ۾ پختون قوم کي 1979 کان اڳ واري سڃاڻپ ٻڌائڻ ضروري قرار ڏنو ويو، اسان اهي مسئلا حل ڪيا جيڪي ماضي جي حڪومتن پختونن سان پيدا ڪيا، طاهر داوڙ جو لاش اين ڊي ايس حڪومت بدران منظور پشتين کي ڏنو، قوميت جي نالي تي هتي ڪنهن کي دڪانداري چمڪائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، طاهر داوڙ جي قتل بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جمع ڪرايو، آگاهه ڪيو ويندو.  ممڪلتي وزير ان معاملي تي جذباتي تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان جي پٽ جو لاش افغانستان جي پٺو حوالي ڪيو ويو، ايوان جا ميمبر رياست کي للڪاريندا آهن، جن جي ڪري وڳوڙ ٿيا تن کي ايوان ۾ رهڻ جو ڪو به حق ناهي، سندس ميمبرشپ معطل ڪئي وڃي، انهن جي بيگناهه ماڻهن جا لاش ڪريا، سندن جلسن ۾ پاڪستان جو جهنڊو کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي هوندي، اهڙن ماڻهن کي ملڪ ۾ رهڻ جو ڪو به حق ناهي. مخالف ڌر جي گوڙ کانپوءِ اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *