اڳوڻا ڪرڪيٽر ذاتي حملا نه ڪن، ڪرڪيٽ تي ڳالهائن : اظهر محمود

ناٽنگهم ( شوبز نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ اظهر محمود چيو آهي ته اڳوڻا ڪرڪيٽر ذاتي حملا نه ڪن، ڪرڪيٽ /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 01

تي ڳالهائن، ٽيم ۾ بائونس بيڪ جي صلاحيت آهي بس هڪ ڪاميابي گهربل آهي.ناٽنگهم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ اظهر محمود چيو ته انگلينڊ کي 300 بال ڪرڻا آهن، جنهن مان اسان کي ڏهه سٺا بال هلائڻا آهن.هن چيو ته پاڪستان بالنگ لائن ۾ انگلينڊ کي 300 کان گهٽ اسڪور تي آئوٽ ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، عامر جو فارم ۾ اچڻ سٺو سنئوڻ آهي، هو باصلاحيت بالر آهي جڏهن ته حسن علي جو گراف هيٺ آيو آهي پر هو آئوٽ ڪري رهيو آهي.اظهر محمود چيو ته اڳوڻا رانديگر ذاتي حملا نه ڪن، ڪرڪيٽ تي ڳالهائن، انهن اسان سان به ڪرڪيٽ کيڏي آهي، اسان به سندن بابت گهڻو ڪجهه ڄاڻو ٿا، تنهنڪري اڳوڻن ڪرڪيٽرن کان اها ئي درخواست آهي ته ٽيم کي سپورٽ ڪن، اڄ برو وقت آهي، پر سٺو وقت به ايندو.بالنگ ڪوچ جو چوڻ هو ته لڳاتار يارنهن ميچون هارايون آهن جن ۾ آسٽريليا خلاف به پنج ميچون شامل آهن جنهن ۾ اسان نئين ٽيم ميدان تي لاٿي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *