ٽي وي انڊسٽريءَ فلمي دنيا کي نئين زندگي ڏني : عتيقه اوڍو

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره، پروڊيوسر ۽ ماڊل عتيقه اوڍو چيو ته شوبز انڊسٽري کان پري نه ٿي آهيان، سٺي اسڪرپٽ ۽ ڪردار منهنجي ترجيح ۾ شامل هوندا آهن.  گھٽ ۽ معياري ڪم سان فنڪار پنهنجو معيار برقرار رکندو آهي. اهائي صورتحال فلمن ۾ رهي جو گھٽ ڪم ڪيو  ۽ پنهنجي طور تي عمده ڪردار نگاري ڪئي. هن هدايتڪار مهرين جبار جي فلم  “ دوباره ڦر سي” ۾ ڪم ڪري فلمي دنيا ۾ ٻيهر انٽري ڏني ته هن مهل تائين ڪيترن ئي پروڊيوسرن ان سان رابطو ڪيو آهي.  هن چيو ته عيد الضحيٰ تي پنجاب نهين جائونگي ۽ نامعلوم افراد  فلمن جي ڪاميابي پروڊيوسرن کي هڪ نئون رستو ڏيکاريو آهي.  هن چيو ته   ٽي وي انڊسٽري فلمي دنيا کي  هڪ نئين زندگي ڏني،  اسان کي هاڻي ان حقيقت کي مڃڻ گھرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *