پاڪستان سري لنڪا ٽيِسٽ حسن علي ۽ بلال ۾ مقابلو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ سري لنڪا جي وچ سيريز ۾ مصباح الحق ۽ يونس خان جي رٽائرمينٽ کانپوءَ پاڪستاني ٽيم انتظاميا حارث سهيل ۽ بابر اعظم کي ٽيم ۾ موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. مڊل آرڊر بيٽگ لائين جو ٻوجھه اظهر علي ۽ اسد شفيق رهندو، سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ حارث سهيل سريلنڪا جي خلاف ابو ظهبي ۾ پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي، پچ اسپن بالنگ جي لاءِ سازگار ٿي ته آف سپنر بلال آصف به  پنهنجي ٽيسٽ ڪيرئير جي پهرين ميچ کيڏندو، سيالڪوٽ ريجن جي 32 سالن جي آف اسپنر بلال آصف ٽيسٽ ڪپ جي لاءِ مضبوط اميدوار آهي. جڏهن ته تجريبي وارو فاسٽ بالر وهاب رياض کي اليون ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. وهاب رياض ورلڊ اليون جي خلاف ٽي ٽوينٽي ٽيم ۾به شامل نه هو، بلال آصف پاڪستان پاران ٽي ون ڊي انٽرنيشنل ۾ پنج وڪيٽون حاصل ڪيون آهن. اهي پنج وڪيٽون هن هڪ ئي ميچ ۾ حاصل ڪيون، زمبابوي جي خلاف بلال آصف 25 رنس ڏئي پنج وڪيٽون ورتا هئا. جنهن دوران ان جو بالنگ ايڪشن رپورٽ ٿيو هو، جڏهن ته بعد ۾ ان جو ايڪشن ڪليئر ٿي ويو،  سري لنڪا ٽيم ۾ ڪيترن ئي بيٽس مينن جي موجودگي ۾ بلال آصف کي کيڏائي سگھجي ٿو. خميس تي 11 رانديگرن جو اعلان ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *