يوٽيلي اسٽورز تي گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ، ڪڪنگ آئل 605 رپيا  ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يوٽيلي اسٽورز تي گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب يوٽيليٽي اسٽورز تي مختلف برينڊز جي گيهه جي في ڪلو قيمت 555 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪوڪنگ آئل جي في ڪلو قيمت 605 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب هڪ ڪلو گيهه جي قيمت ۾ 208 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي جڏهن ته هڪ ليٽر ڪوڪنگ آئل جي قيمت ۾ 215 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي. ڪابينا يوٽيلي اسٽورز تي گيهه تي ڏنل سبسڊي کي گهٽايو آهي. سبسڊي کي 200 رپين مان گهٽائي 100 رپيا ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *