مهانگائي سٽيل عوام کي بجلي جو جهٽڪو، نيپرا  4 رپيا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) نيپرا بجلي 3 رپيا 99 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي مهيني وار فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي بجلي مهانگي ٿيڻ کان پوءِ واهپي دارن کي ايندڙ مهيني وڌيڪ ادائيگيون ڪرڻيون پونديون نيپرا چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي جي سربراهي ۾ نيپرا هيڊڪوارٽر ۾ ڊسڪوز جي اپريل جا مهيني وار فيول چارجز ايڊجسٽمنٽ جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي توصيف ايڇ فاروقي چيو ته اسان لاءِ صارف اهم آهي جيڪو مهانگي فيول جو شڪار ٿي رهيو آهي 18-18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي اندازن ۽ ڪاٿن تي ڪم نه ڪريو پاور سسٽم جي مسئلن جو حل ڳوليو وڃي جنهن کان پوءِ ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي نيپرا پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته سي پي پي اي ايف سي اي جي مد ۾ 4 رپيا 5 پئسا في يونٽ اضافي جي درخاوست ڪئي هئي ۽ اپريل جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جو اضافو 3 رپيا 99 پئسا في يونٽ بڻجندو هن کان اڳ مارچ جو ايف سي اي واهپيدارن کي 2 رپيا 86 پئسا في يونٽ چارج ڪيو ويو هو اپريل جو ايف سي اي مارچ جي ڀيٽ ۾ هڪ رپيو 13 پئسا جون ۾ وڌيڪ چارج ڪيو ويندو نيپرا پڌرائي مطابق ڊسڪوز جي درخواست تي بجلي جي قيمت ۾ في يونٽ 3 رپيا 99 پئسا وڏائڻ جي منطوري ڏني وئي آهي. نيپرا جوچوڻ آهي ته اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ ڇنڊڇاڻ کان پوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي قيمت وڌائڻ سان واهپيدارن کي وڌيڪ 55 ارب رپين جو بار پوندو ۽ ايندڙ مهيني ۾ هي اڳاڙيون ڪيون وينديون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *