آريان کي منشيات فراهم نه ڪئي، سندس بيان ڪوڙو آهي: اننيا پانڊي

ڪراچي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا اننيا پانڊي آريان خان کي منشيات جي فراهمي بابت اينٽي نارڪوٽڪس بيورو (اين سي بي) کي تفصيلي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي ڀارتي ميڊيا موجب اننيا اين سي بي کي ڏنل بيان ۾ پنهنجي ۽ آريان جي دوستي سميت واٽس اپ چيٽ ۽ منشيات جي فراهمي بابت ڳالهايو اننيا بيان ۾ چيو ته آريان خان منشيات جي فراهمي بابت ڪوڙ ڳالهايو، مون کيس منشيات فراهم نه ڪئي هئي ڀارتي ميڊيا موجب آريان الزام هنيو هو ته اننيا پنهنجي ننڍي ڀيڻ کان چرس وٺي ڏني هئي، اننيا پنهنجي ڀيڻ کي چرس سميت پڪڙيو هو، اننيا پنهنجي والدين کي نه پئي ٻڌائڻ چاهي ته هُن مونکي چرس ڏني هئي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *