وڏي وزير ٻهراڙين ۾ بجلي جي منصوبن لاءِ 3 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٻهراڙين ۾ بجليءَ جي منصوبن لاءِ 3 ارب رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن سان سنڌ صوبي جي ٻهراڙي ۾ بجلي جي فراهمي جا منصوبا مڪمل ڪيا ويندا. اڄ وزيراعليٰ هائوس ۾ انهيءَ سلسلي ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته منصوبي تي هر سال هڪ ارب رپيا خرچ ٿيندا. هن چيو ته هي منصوبو ٽن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي جي 50 ڳوٺن کي هلندڙ سال بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ 60 ڪروڙ رپيا ڌار فراهم ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ انرجي ڊپارٽمينٽ 2000 ننڍن وڏن ڳوٺن تائين بجلي پهچائيندو. وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سيڪريٽري انرجي آغا واصف کي منصوبن جي نگراني ڪرڻ جي هدايت ڪندي وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت عوام کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ۽ ان وقت جڏهن ته ملڪ توانائي واري بحران مان گذري رهيو آهي پر موجوده سنڌ سرڪار توانائي جي شعبي کي خاص ترجيح ڏيندي ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي به رڳو همت افزائي ڪري رهيا آهيون بلڪه انهن کي خاص ترغيبات به ڏيئي رهيا آهيون ته جيئن توانائي واري بحران تي ضابطو آندو وڃي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ صوبي جي ٻهراڙي خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ بجليءَ جي فراهمي ترجيحي بنيادن تي ڪئي وڃي ته جيئن پوئتي پيل علائقن جي ماڻهن کي به صوبي جي ٻين علائقن وانگر بهتر سهولتون مهيا ڪري سگهجن. وڏي وزير ان موقعي تي سمورن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو صوبي جي ٻهراڙين کي بجلي جي فراهمي وارن منصوبن کي وقت اندر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائن انهيءَ حوالي سان دير برداشت نه ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *