ڪي اليڪٽرڪ ۽ حيسڪو سنڌ سرڪار جي ڪنٽرول ۾ ناهن: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ، باچا خان يونيورسٽي تي حملي خلاف مذمتي ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، ايوان ۾ ٿر اندر پاڻي جي کوٽ بابت حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جڏهن ته سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي سيگريٽ ڇڪِڻ تي ايوان کان معافي پڻ ورتي. اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چارسدا حملي ۽ ٿر صورتحال سميت مختلف معاملن تي بحث ٿيو. اجلاس دوران باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيلن جي مغفرت ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا گهري وئي. ايوان ۾ باچا خان يونيورسٽي تي حملي خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جيڪو ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪيو. اجلاس دوران ٿر ۾ پاڻي جي کوٽ وارو معاملو اڀاريو ويو، جنهن تي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. ف ليگ ايم پي اي مهتاب اڪبر راشدي اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته روزانو اخبارن ۾ اچي پيو ته ٿر ۾ لڳايل آر او پلانٽس ڪم نه پيا ڪن. صوبائي وزير مراد علي شاهه جواب ڏيندَي چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ آر او پلانٽس ٿر ۾ آهن، جيڪي سمورا هلندڙ آهن، آر او پلانٽس جي بند هجڻ واريون خبرون بي بنياد آهن. ان موقعي تي متحده ايم پي اي هير سوهو ڳالهائيندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته ايترن آر او پلانٽس باوجود ٿر ۾ پاڻي جي کوٽ ڇو آهي؟ هير سوهو کي جواب ڏيندَي مراد علي شاهه چيو ته آر او پلانٽس بجلي تي هلندا آهن، پاڻي جي کوٽ جو ڪارڻ لوڊشيڊنگ ٿي سگهي ٿو. پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير الزمان چيو ته حڪومت اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ، ڪي- اليڪٽرڪ ۽ حيسڪو تي ڪنٽرول لاءِ ڪو منصوبو جوڙيو آهي؟ صوبائي وزير مراد علي شاهه جواب ڏيندَي چيو ته ڄاڻايل ادارا سنڌ سرڪار جي ڪنٽرول ۾ ناهن، جنهن تي پي ٽي آءِ ميمبر حفيظ الدين چيو ته اهو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، سنڌ حڪومت کي اک پٽڻ گهرجي. ٻئي طرف تعليم واري سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي ايوان ۾ سگريٽ ڇڪڻ تان معافي وٺي ڇڏي. نثار کهڙَي چيو ته هو ايوان جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿو، هن غلطي سبب سگريٽ ڇڪيو، جنهن لاءِ هو سڄي ايوان کان معذرت ڪري ٿو. اسپيڪر آغا سراج درانيءَ، نثار کهڙي کي چيو ته هـُن به سگريٽ ڇڪڻ ڇڏي ڏنا آهن اوهان به ڇڏي ڏيو، جنهن تي صوبائي وزير چيو ته هو به سگريٽ ڇڏڻ جي ڪوشش ڪندو. مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *