دهشتگرد پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري رهيا آهن: پرويز رشيد

لاهور(م.ڊ) پوليس ورڪشاپ جي تقريب ۾ ڳالهائيندي وفاقي سڌ سماءُ واري وزير پرويز رشيد چيو ته دهشتگرد پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ سماجي رابطن واريون  ويب سائيٽس استعمال ڪري رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته دهشتگردن جي خلاف ويڙهه نظرياتي آهي،باچا خان يونيورسٽي تي حملو ڪندڙ انسان ناهن حيوان آهن،دهشتگردن يونيورسٽي ۾ سجدي ۾ موجود شاگردن کي به نه بخشيو.پرويز رشيد چيو ته دهشتگردي جي خلاف ويڙهه ۾ بندوققلم ۽ ڪيمرا اهم ڪردار نڀائي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *