وفاقي سرڪار ترقياتي منصوبا ۽ پاليسيز جوڙڻ لاءِ قومي ترقياتي ڪائونسل جوڙي ورتي

اسلام آباد (م.ڊ) وفاقي سرڪار ترقياتي رٿائن جي حوالي سان قومي ترقياتي ڪائونسل جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. وفاقي سرڪار طرفان قومي ترقياتي ڪائونسل جي جوڙجڪ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنهن موجب ڪائونسل جو چيئرمين وزيراعظم عمران خان کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي کاتي جي صلاحڪار حفيظ شيخ، ترقي ۽ رٿابندي واري کاتي جي وزير عمر ايوب کي ڪائونسل جو ميمبر بڻايو ويو. نوٽيفڪيشن موجب چارئي وڏا وزير، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم ۽ گلگت بلستان جو وزير به ڪائونسل جي ميمبرز ۾ شامل آهن. اُن کانپوءِ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ناڻي کاتي جي سيڪريٽري کي به ڪائونسل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڪائونسل ترقياتي رٿائون تيار ڪرڻ سان گڏ اُن هوالي سان پاليسيز جوڙيندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *