جعلي اڪائونٽن ذريعي ٽرانزيڪشن وڏو ڏوهه آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس آصف سعيد کوسا هڪ ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جعلي اڪائونٽن ذريعي ٽرانزيڪشن ڪرڻ وڏو شديد ڏوهه آهي.  چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهيءِ ۾ سينئر اسسٽنٽ بئنڪ محمد انور جي جعلي اڪائونٽ کولرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ عدالت درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي معاملو  اڪلائي ڇڏيو. عدالت چيو ته هڪ ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جوابدار محمد انور ايوب کي 3 سال سزا ۽ 8 لک رپيه ڏنڊ وڌو ٻئي ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جوابدار محمد انور ايوب کي 8 سال سزا ڏني ۽ هاءِ ڪورٽ ٻنهي ڪيسن ۾ ٽن سالن جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته بئنڪ وارن جي شامل ٿيڻ کانسواءِ جعلي اڪائونٽ نه ٿا کلي سگهن، هڪ لک جو اڪائونٽ کولي 9 لک ڪيو ويو،اڪائونٽ بنا تصديق کولي نه ٿو سگهجي.  جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته جوابدار کي ٽن سالن جي قيد جي سزا ته تمام گهٽ ڏني وئي آهي، جعلي اڪائونٽن ذريعي ٽرانزيڪشن ڪرڻ شديد جرم آهي، جيترا به اڪائونٽ کوليا آهن سڀني اوپننگ فارمن تي جوابدار جون صحيحون آهن، ٽرانزيڪشن ۾ جوابدار ملوث آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪرمنل ڪيس هاڻي ختم ٿي ويا آهن، انشاءَ الله ڪجهه هفتن ۾ ٻڙي رهجي ويندا،  هفتي کانپوءِ رڳو 100 اپيلون رهجي وينديون، سمورن ڪيسن جي گڏ تياري ڪيو، ڪيس ختم ٿيڻ وارا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *