وفاقي حڪومت پاران آصف زرداري جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو، ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ڪابينه جعلي اڪائونٽس ڪيس جي گڏيل جاچ ٽيم جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ شامل آصف علي زرداري سميت 172 ماڻهن جا اِي سي ايل ۾ نالا وجهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جڏهن ته چوڌري فواد حسين چيو اهي ته آصف علي زرداري جي پيپلزپارٽي جو بينظير ڀٽو يا ذوالفقارعلي ڀٽو جي پيپلزپارٽي سان ڪوبه تعلق نه آهي اميد آهي ته آصف علي زرداري جي آءِ ٽي کي سنجيدگي سان وٺندو ڪراچي جو امن معيشت سان ڳنڍيل آهي اسان شهر جي امن کي خراب ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين الطاف حسين برطانيا ۾ ويهي ماڻهن کي مارائڻ جا حڪم ڏنا معاملن کي برطانيا حڪومت وٽ اٿاريو ويندو ڪراچي ۾ ڏکڻ آفريڪا جا گينگ به متحرڪ آهن پرڏيهي آفيس معاملو ڏکڻ آفريڪا جي حڪومت وٽ به اٿاريو ويندو پي ٽي آءِ تي زبردستي جا نيب ڪيس ٺاهيا ويا هيليڪاپٽر واري ڪيس ۾ به ڪجهه نه آهي هي پراڻو پاڪستان نه آهي جتي ٻئي وڏا سوديبازي ڪن ۽ راز خوشي سان زندگي گذارين ملڪ ۾ احتساب جو عمل بنا خوف خطري جي جاري رهندو فاٽا جي عوام کي بنيادي سهولتون ڏنيون وينديون. اڳوڻن قبائلي علائقن ۾ ايندڙ سال چونڊون ڪرايون وينديون موبائيل فون جي رجسٽريشن جي آخري تاريخ پهرين جنوري کان وڌيڪ 15 ڏينهن لاءِ وڌايو ويو آهي تحريڪ انصاف جي حڪومت اسلام آباد مان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ عورتن جون سيٽون وڌائڻ لاءِ ترميم آڻي رهي آهي خميس تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪيترن منصوبن جي منظوري ڏني ويئي جڏهن ته اهم فيصلا ڪيا ويا وزيراعظم آفيس ۾ جاري ڪابينه اجلاس دوران 20 نقاطي ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي وزيراعظم ۽ ڪابينه ميمبرن علي رضا عابدي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي جڏهن ته وفاقي وزير پير نورالحق قادري جي والد جي لاڏاڻي تي به ڏک جو اظهار ڪيو ويو ڪابينه اجلاس کان پوءِ ميڊيا بريفنگ ۾ فواد چوڌري چيو ته مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي ان ۾ ايف آءِ اي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن هن چيو ته حڪومت کي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو ويو هن هڪ صوبي کي يرغمال ڪيو تنهنڪري ڪابينه فيصلو ڪيو ته 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن فواد چوڌري چيو ته اميد آهي ته آصف زرداري جي آءِ ٽي کي سنجيدگي سان وٺندو جن ماڻهن کي اڃان به سنجيدگي جو احساس نٿو ٿئي کين ايندڙ ڏينهن ۾ احساس ٿي ويندو هي پراڻو پاڪستان نه آهي جتي وڏا ماڻهو سوديبازي ڪن قومي خزاني جي هڪ هڪ رپئي جو حساب ٿيندو ان حوالي سان هڪ صحافي جي سوال تي ته ڇا اي سي ايل ۾ آصف زرداري فريال ٽالپر ۽ مراد علي شاهه جا نالا به شامل آهن فواد چوڌري جواب ڏنو ته جي آءِ ٽي جن جن ماڻهن کي چونڊيو آهي انهن جا نالا شامل آهن ۽ ظاهر آهي ته آصف زرداري کان سواءِ ڪابه شئي ڪيئن مڪمل ٿي سگهي ٿي فواد چوڌري چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال اوچتو خراب ٿي آهي ۽ علي رضا عابدي جي قتل سميت ڪيترائي واقعا ٿيا ڪراچي شهر ۾ ڪجهه گينگز ٻيهر فعال ٿي ويا آهن ۽ ٻاهر ويٺل ماڻهو امن خراب ڪري رهيا آهن هن چيو ته ڪابينه ڪراچي جي صورتهال تي به غور ڪيو ماضي ۾ ڪراچي ۾ فورسز وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ هتي مڪمل امن بحال ڪيو. هن چيو ته ڪراچي جو امن معيشت سان ڳنڍيل آهي اسان شهر جي امن کي خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين هن چيو ته ڪابينه فيصلو ڪيو آهي ته الطاف هسين جهڙي طرح برطانيا ۾ ويهي ماڻهن کي مارائڻ جا حڪم ڏنا انهن ماڻهن کي برطانوي حڪومت وٽ اٿاريو ويندو. هن چيو ته ڪابينه کي ڳڻتي آهي ته نفرت جوڳي تقرير تي برطانوي حڪومت اڃا تائين ڪوئي ايڪشن ناهي کنيو هن چيو ته وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ ڏکڻ آفريڪا جا گينگ به متحرڪ آهن تنهنڪري پرڏيهي آفيس هي معاملو ڏکڻ آفريڪا جي حڪومت وٽ به اٿاريندو. انهن حڪومتن جو ڌيان ڇڪرايو ويندو ته ڪهڙي طرح انهن جي زمين ڏوهن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي هن چيوت ه اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ لڳل ڪئمرائن جي نظام ۾ خامي آهي يا ته ڪئميرا ڪم نه پيا ڪن يا سڃاڻپ نه پئي ٿئي ڪئميرا لڳائڻ تي ڪروڙين رپيا خرچ ٿي انهن جي جاچ جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي آهي فواد چوڌري چيو ته ڪابينه ايف آءِ اي جي ڪاررڪدگي کي ساراهيو آهي جنهن نموني سان جي آءِ ٽي ۽ بين معاملن ۾ ايف آءِ اي ڪارڪردگي ڏيکاري ان جي وزيراعطم تعريف ڪئي پيپلزپارٽي پاران احتجاج جي سڏ بابت فواد چوڌري چيو ته حيران آهيان چيو پيو وڃي ته انور مجيد ۽ اسان پئسا ٺاهيا ۽ هاڻي بچائڻ لاءِ روڊن تي نڪرو يعني جن جا پئسا لٽيا ويا انهن کي ئي چيو پيو وڃي ته ٻاهر نڪرو فواد چوڌري چيو ته هي پراڻو پاڪستان نه آهي جتي ٻئي وڏا سوديبازي ڪن ۽ پنهنجي مرضي سان زندگي گذارين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *