بينظير ڀٽو کي وڇڙئي 11 سال ٿي ويا، ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، ملڪ جي مختلف علائقن مان قافلا ڳڙهي خدابخش پهتا

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي 11هين ورسي ملهائي ويئي. ورسي لاءِ ملڪ جي مختلف علائقن مان قافلا ڳڙهي خدابخش پهتا جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو تفصيل موجب بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007 تي دهشتگردن راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ جلسي کان پوءِ واپس ورندي شهيد ڪيو هو. چونڊون ويجهو هئڻ سبب بينظير ڀٽو سڄي ملڪ جا دورا ڪري رهي هئي ۽ لياقت باغ ۾ جلسو انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي ان جي لياقت باغ ۾ ڪارڪنن جو وڏو انگ هو جيڪي پنهنجي اڳواڻ جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا 3 لڳي 31 منٽ تي بينظير ڀٽو لياقت باغ پهتي ۽ پويان واري رستي کان اسٽيج تي پهتي هن پنهنجي تقرير ڪارڪنن جي اڀ ڏاريندر نعرن سان شروع ڪئي ۽ ملڪ کي دهشتگردي جي خطرن ۽ چئلينجز بابت ڳالهه ڪئي تقرير کان پوءِ بينظير اسٽيج تان لهي پنهنجي گاڏي ڏانهن وڌڻ لڳي ته پنج لڳي 12 منٽن تي بينظير ڀٽو جي گاڏي ٻاهرين دروازي کان ٻاهر آئي ۽ لياقت روڊ تي مڙهڻ لڳي جيالن جو وڏو انگ ڏسي اڳوني وزيراعظم پنهنجي گاڏي جي مان ٻاهر آئي ۽ ڪارڪنن جي نعرن جو جواب ڏنو انهيءَ ميڙ ۾ هڪ دهشتگرد به موجود هو جنهن اٽڪل 5 لڳي 14 منٽن تي ٻه يا ٽي ميٽر جي وٿي کان بينظير ڀٽو جو نشانو وٺي 3 گوليون هلايون ۽ آخري گولي هلائڻ کان پوءِ پنهنجو پاڻ کي ڌماڪيدار مواد سان اڏائي ڇڏيو ڌماڪي کان پوءِ ان هنڌ تي ڄڻ ته هڪ قيامت جو منظر هو ڀڄ ڊڪ واري عالم ۾ بينظير ڀٽو کي پنج لڳي 35 منٽن تي اسپتال پهچايو ويو پر سمورين ڪوششن جي باوجود هو بچي نه سگهي ۽ 6 لڳي 16 منٽن تي سندس شهادت جو اطلاع آيو ۽ پاڪستان هڪ عظيم سياستدان کان هميشه لاءِ محروم ٿي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *