جي آءِ ٽي رپورٽ رڳو ڪوڙ آهي، لاڏلي جي ڦاٽل دهلن للڪاريو آهي ويڙهه ڪنداسين: بلاول ڀٽو /آصف زرداري

 

ڳڙهي خدا بخش (اين اين آءِ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته طاقت جي نشي ۾ مست نام نهاد ٺيڪيدارن جي هٿن مان ملڪ نڪرندو پيو وڃي، هي ڪهڙو وزيراعظم آهي جنهن کي زال کان وزيراعظم ٿيڻ ۽ ٽي وي تان ڊالر جي قيمت وڌڻ جو پتو پوي ٿو، عمران خان ملڪ کي ون يونٽ بڻائي هڪ جماعتي نظام قائم ڪرڻ ۽ 18 هين ترميم تحت صوبن کي ملندڙ حق ختم ڪرڻ چاهي ٿو، هي ڪهڙو نظام آهي جنهن ۾ ايس ايس پي طاهر داوڙ جي قاتلن جو پتو نٿو پوي پر منهنجي ناشتي جو بل ملي وڃي ٿو، مون مٿان ان جا وقت ڪيس ڪري رهيا آهن جڏهن مان هڪ سال جو هيس، جيڪڏهن مان ايترو تيز ٻار هيس ته مون کي ستاره امتياز ملڻ گهرجي ها، هن ڀيري به اسان اڳ وانگر باعزت بري ٿينداسين، خميس تي ڳڙهي خدا بخش ۾ بينظير ڀٽو جي 11 هين ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پ پ جي جيالن کي سلام پيش ڪريان ٿو، بي بي جو وڇوڙو لفظن ۾ بيان ڪرڻ ناممڪن آهي، منهنجي ڪا اميد آهي ته بي بي شهيد جا جيالا آهن، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جيالا بي بي شهيد جي ياد ۾ ڏيئا ٻاري ويٺا آهن، غريب کي جڪڙيندڙ استحصال کي ختم ڪرڻو آهي، هن چيو ته رڳو 2 سالن ۾ منهنجي رستي ۾ ڪنڊا ۽ ذات تي حملا ڪيا ويا پر انهن سمورن طاقتن کي چوان ٿو ته مان توهان سان ۽ توهان جي سازشن سان وڙهندس ۽ توهان جو غرور ختم ڪندس، جي آءِ ٽي جي رپورٽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي جنهن کي مان نٿو مڃان، عدالتن کي بيوقوف، گمراهه ۽ اهڙي سياسي انجنيئرنگ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر يقين آهي ته عدالت جي آءِ ٽي رپورٽ کي ردي جي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪندي، بلاول ڀٽو چيو ته وزيراعظم کي اندازو ئي نه آهي ته وفاق جا بنياد ڪيترا ڪمزور ٿي ويا آهن، هڪ چڻنگ سڀ ڪجهه ساڙي رک ڪري سگهي ٿي، ڀلا اهي ڪهڙا سبب آهن جو ڪي پي ڪي ۾ نوجوانن جي هڪ تحريڪ زور سان اٿي رهي آهي جنهن ۾ ماڻهو وڌ ۾ وڌ شامل ٿي رهيا آهن، 2 سالن کان چئي رهيو آهيان ته پختون نوجوانن کي ڀت سان نه لڳايو، سوين بلوچ مائرن، ڀينرن جا مطالبا ڇو نه پيا ٻڌا وڃن، انهن جا پيارا ڪيترن ئي سالن کان غائب آهن، جيڪڏهن اهي ڏوهي آهن ته کين عدالتن ۾ ڇو نٿو پيش ڪيو وڃي، هن چيو ته 3 صوبائي اسيمبلين مان ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ٺهراءُ پاس ٿيڻ جي باوجود ان کي اڏڻ جي مهم هلائي پئي وڃي، گلگت بلتستان سان ماٽيلي ماءُ وارو ورتاءُ ڇو ڪيو پيو وڃي، هاڻ اتان جو عوام شايد وڌيڪ ناانصافي برداشت نه ڪري، نواز شريف کي سزا ڏيارڻ کانپوءِ پنجاب ۾ لڳندڙ نعرن جو ڪو تصوير ڇا ڪري سگهي پيو، هر پاسي غصو نظر اچي رهيو آهي پر مجال آهي ملڪ جي نام نهاد ٺيڪيدارن کي ڪو احساس ۽ ڳڻتي ٿئي، اهي طاقت جي نشي ۾ ڌت آهن ۽ ڏسڻ کان ڪاسر آهن ته ملڪ هٿ مان نڪرندو پيو وڃي. عمران کي حڪومت ڏيڻي هئي ته ٿوري تياري ڪرائي وڃي هانس، ان کي سمجهايو ها ته ڪڪڙ جي آنن سان قوم جي قسمت نٿي سنواري سگهجي، اوهان بي نامي اڪائونٽ جي جاچ ڪئي پر همت آهي ته بي نامي وزيراعظم جي جاچ به ڪريو، ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ حڪومت هلائڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، پ پ چيئرمين چيو ته عمران خان قدرتي وسيلن تي وفاق جو قبضو چاهي ٿو، اسان تي به 18 هين ترميم ختم ڪرڻ لاءِ حمايت لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، هي ماڻهو نام نهاد ۽ هڪ طرفي احتساب کان نٿا ڊيچاري سگهن، ڀلا هي ڪهڙو احتساب آهي جنهن جو ٽارگيٽ رڳو اپوزيشن آهي پر حڪومت کي ڇوٽ مليل آهي، نيب جون چالاڪيون رڳو اپوزيشن لاءِ آهن، عليمه ۽ عليم خان خلاف ڪارروائي ڇو نه پئي ٿي، بلاول ڀٽو چيو ته هي ماڻهو مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندي ڪندي لانڊري جي رپورٽ کڻي آيا، هي ڪهڙو نظام آهي، ايف آءِ اي سالن کان اصغر خان ڪيس جي جاچ نه پئي ڪري پر اسان جي صدقي جي ٻڪرن ۽ ڌوٻي جو حساب ورتو پيو وڃي، مون مٿان اهي ڪيس قائم ڪيا پيا وڃن جڏهن مان هڪ سال ۽ 6 سالن جو هيس، جيڪڏهن مان ايترو هوشيار ٻار هيس ته مون کي ستاره امتياز ملي ها، پر اسان ان ظلم جي خلاف جدوجهد ڪنداسين ۽ ملڪ کي ڪٺ پتيلن کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين، هن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته 2 سالن کان چئي رهيو آهيان ته نوجوانن کي ڀت سان نه لڳايو، ملڪ جي واڳ سيکڙاٽ جي هٿ ۾ ڏني وئي آهي، هن چيو ته حڪومت جي هڪ ڪڙو نوڪرين ۽ هڪ سئو ڏينهن جي پروگرام تي تنقيد ڪئي، وڌندڙ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته مون کي توهان احتساب جي نالي تي نٿا ڊيڄاري سگهو.

 

اڳوڻي صدر آصف زرداري حڪمرانن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته لاڏلي جي ڦاٽل دهلن اڄ وري للڪاريو آهي تنهنڪري اسان اڪيلائي منهن ڏينداسين، اسان سندس بڻايل هٿڪنڊن کان نٿا ڊڄون، اڳ به مقابلوڪيو ۽ هاڻ به ڪنداسين، بلاول منهنجو ۽ بينظير جو پٽ آهي ان کي ڇا ڊيڄاريندا، هي چون ٿا ته هڪ سئو ڏينهن ٿورا آهن، کين ٽي وي تي بڪواز ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿو اچي، اسان انهن سان جمهوري طريقي سان مقابلو ڪنداسين، ٺپا هڻي ٻيهر اليڪشن کٽنداسين، اسان پيءُ پٽ ۽ سڄي پارٽي بيٺا آهيون انهن جو مقابلو ڪنداسين ۽ جواب ڏينداسين، نئون ديرو ۾ شهيد بنطير ڀٽو جي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته مان هڪ سئو ڏينهن ۾ بي بي ڪارڊ ڏئي ڇڏيو هو، آئيني ترميم جو ڪم ڪري ڇڏيو هو، هنن هڪ سئو ڏينهن ۾ ڪجهه ناهي ڪيو، هي چون ٿا ته هڪ سئو ڏينهن ٿورا آهن، جيڪو ڪم ڪرڻ ڄاڻيندو هجي ان لاءِ تمام گهڻا آهن، جنهن کي ڪجهه نٿو اچي اهو رڳو ٽي وي تي اچي بڪواز ڪري ٿو، آصف زرداري چيو ته هنن کان حڪومت نه هلي سگهندي، هي پاڪستان کي نٿا هلائي سگهن ۽ معيشت کي به نٿا سنڀالي سگهن، پ پ جي صدر چيو ته حڪومت کي دنيا جي دوستن کان وڏي مدد ملي آهي پر ان جي باوجود هنن کان ملڪ نه هلي سگهندو، هن چيو ته نه هي ڏسي ٿا سگهن، نه هي ٻڌي ٿا سگهن ۽ نه هي ڳالهائي ٿا سگهن، هنن کي عقل ئي نه آهي، اسان انهن سان عدالت سميت هر هنڌ وڙهنداسين ۽ سڀ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون ۽ اها اسان لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، آصف زرداري چيو ته جتان هي شروع ڪندا اتان کان اسان ختم ڪنداسين جنهن کي به اچڻو آهي اسان سان ڪو به مسئلو نه آهي، اڳوڻي صدر چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ سئو ڏينهن ۾ ڇا ڏنو آهي، اسان هڪ سئو ڏينهن ۾ ڪڻڪ جي قيمت وڌائي، 73 جي آئين تي ڪم ڪيو، پرويز مشرف کي صدارت کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *