وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي ملاقات سٺو سنئوڻ قرار، ملاقاتن سان سياسي ماحول ۾ ڇڪتاڻ گهٽجي ويندي: گورنر سنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گورنر عمران اسماعيل وزيراعظم عمران خان ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ ملاقات کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته اُن سان صوبي جي بهتري ٿيندي ۽ سياسي ماحول ۾ ڇڪتاڻ به گهٽجي سگهي ٿي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته گرين لائين منصوبي ۾ وفاقي حڪومت پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي سرڪار منصوبي لاءِ بُنيادي ڍانچو تيار ڪري ورتو آهي، 7 فيبروري تائين منصوبو مڪمل ٿي ويندو ۽ وزيراعظم افتتاح ڪندو، پهرئين مرحلي ۾ گرين لائين سروس جي حوالي سان نمائش چورنگي کي ٽريڪ لاءِ کوليو ويندو. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي گورنر عمران اسماعيل چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وچ ۾ ملاقات سٺو سنئوڻ آهي، اُن سان صوبي جي بهتر ٿيندي، جڏهن ته سياسي ڇڪتاڻ سبب ملاقاتون نه ٿيڻ وارو رُجحان به گهٽجي ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ گورنر چيو ته ڀلي سندس خلاف شڪايتو ڪيون وڃن، پر وزيراعظم ۽ صدر جو اعتماد ئي سندس لاءِ ڪافي آهي. بنا نمبر پليٽ جي گاڏي واري ڪيس تي ڳالهائيندي گورنر چيو ته وڏي وزير مراد علي شاهه گورنر هائوس اچي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ ٻڌايو ته اهو غلط فهمي جي بُنياد تي ٿيو آهي، تنهن ڪري هُن اِن معاملي کي وساري ڇڏيو آهي. گورنر چيو ته سنڌ سرڪار گاڏي خريد ڪري گورنر هائوس کي ڏني هئي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *