ڳڙهي ياسين ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا

ڳڙهي ياسين(م.ڊ) ڳڙهي ياسين ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا. ڳوٺ اسلم بروهي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شعبان چاچڙ ٿڏي تي مارجي ويو، جڏهن ته احمد چاچڙ سخت زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال نيو پئي ويو ته هو به رستي ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو. واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، پوليس ٻنهي جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *