وزيراعظم عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي علامت آهي: زرتاج گل، مليڪه بخاري ۽ ڪنول شوزب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي زيادتي واقعن بابت تازي بيان کانپوءِ مٿس تنقيد تي تحريڪ انصاف جون عورت ميمبرز سندس حق ۾ ميدان ۾ اچي ويون. مملڪتي وزير زرتاج گل، مليڪه بخاري ۽ ڪنول شوزب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وزيراعظم عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي علامت آهي، تحريڪ انصاف پهريون ڀيرو عورتن کي متحرڪ ڪيو، وزيراعظم قانون سازي جي عمل سان جنسي زيادتي روڪڻ لاءِ مضبوط قدم کنيا آهن. هنن چيو ته بي حياتي زيادتي جو هڪ ڪارڻ ٿي سگهي ٿي پر وزيراعظم جي بيان ۾ عورتن جي ڪپڙن کي زيادتي سان نه جوڙيو ويو، وزيراعظم جو سڄو بيان ٻڌو وڃي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان زيادتي جي واقعن تي چيو ته مرد ڪو روبوٽ ناهي، جيڪڏهن عورت ننڍا ڪپڙا پائيندي ته مرد تي اثر ضرور پوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *