نااهل پي ٽي آئي سرڪار جا سمورا واعدا هوا ٿي ويا، سنڌ جي عوام کي سليڪٽيڊ سرڪار کان ڪا اميد ناهي: مرتضيٰ وھاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي قانون، ماحول ۽ سامونڊي ترقي بابت صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته نااهل پي ٽي آئي سرڪار جا سمورا واعدا هوا ۾ آهن سنڌ جي عوام کي سليڪٽيڊ سرڪار کان ڪا اميد ناهي  انهن سمورن واعدن ۽ ترقياتي منصوبن لاءِ هڪ ئي جملو چيو آهي ۽ اهو آهي absolutely not  اها ڳالهه هن سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي. بئريسٽر مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ميڊيا گورنر سنڌ پاران رد جرنلسٽس پروٽيڪشن بل کي ٻيهر ڪابينا اجلاس کان منظور ڪرايو ويندو اسان صحافين کي تحفظ ۽ سهولتون عملي طور تي فراهم ڪري ڏيکارينداسين. ماضي ۾ آزادي صحافت لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون پر صحافين لاءِ عملي اعتبار سان ڪم صرف پيپلزپارٽي ڪيو. گورنر سنڌ ثابت ڪيو ته پي ٽي آئي اظهار رائي کي سپورٽ ناهي ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت خلاف نئون پروپيگنڊا شروع ڪيو آهي ڪپتان ڪالهه هڪ انٽرويو ڏنو سوال اٿي رهيا آهن ته ڪهڙي قسم جون ڳالهيون وزيراعظم ڪيون آهن انٽرويو ۾ ڪپتان هڪ لفظ استعمال ڪيو هو لفط هو  absolutely not توهان چيو آئي ايم ايف وٽ نه ويندس توهان چيو بطور وزيراعظم پارليامان ۾ ويندس پر ٿيو ڪجهه ڪون ٽن مهينن ۾ ڪرپشن ختم ڪري ڇڏيندس، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندس 50 لک گهر ڏيندس. عوام کي ٻڌائڻ چاهيندس absolutely noڪپتان جو فيورٽ لفظ آهي ڇا هارين جون حالتون ٺيڪ ٿينديون، ڇا اهي سچ ڳالهائڻ شروع ڪندا پي ٽي آئي جي ڊڪشنري ۾ صرف هڪ لفظ ئي آهي انهن ماڻهن ڪو هڪ واعدو پورو ڪيو. مرتضيٰ وهاب سوال ڪيو ته ڪراچي کي 162 ارب مليا حيدرآباد ۾ جامعه قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو اها جامعه ٺهي وئي آهي سنڌ جي عوام سان وڏا وعدا ڪيا واعدا پورا ٿيا فواد چوڌري چوندو آهي 5 ارب ڪراچي ۾ لڳايا آهن پر اهو به ٽي وي تي آهي ڪٿي لڳا آهن اهي پئسا الله ڄاڻي ٿو 162 ارب، 11 سئو ارب جو واعدو پي ٽي آئي پنهنجو ڪو وائدو پورو ناهي ڪندي ڇو ته هو absolutely not تي يقين رکندا آهن. بئريسٽر مرتضٰي وهاب شهباز گل جي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته شهباز گل صرف هتي ڳالهيون ڪرڻ ايندو آهي پاڪستان جي هر ننڍي چونڊ ٻڌايو آهي ته اهي سليڪٽيڊ آهن جيڪي پئسا اين ايف سي جي مد ۾ ملندا آهن اهي احسان ناهن ڪندا انهن جي پيءُ جو پئسو ناهي اهو صوبي جو آئيني حق آهي. اعتراض اهو آهي ته آئيني حق جيئن ملڻ گهرجي ها پر ايئن ناهي مليو گذريل سال جي بجيٽ ۾ پوڻا اٺ سئو ارب ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر ست سئو ڏهه ارب تي اچي ويا اهي اهي پئسا به پورا نه مليا. ٿر ۾ ترقياتي ڪم وفاقي حڪومت ٿوري ڪيو آهي بلڪه سنڌ حڪومت ڪرايا آهن توهان ڪهڙا ڪم ڪرايا آهن توهان اهي ماڻهو آهيو جيڪي سنڌ کي سکر کان حيدرآباد تائين موٽر وي نه ڏئي سگهيا هو سيوهڻ ڏانهن وڃڻ واري روڊ نه ٺهرائي ڏنو جڏهن ته پيسا اسان ڏئي چڪا آهيون اخبار ۾ خبر لڳي ته ڪيئن گرين لائين پروجيڪٽ جي بل ۾ ٽيمپرنگ ڪئي جڏهن حڪومت کان جواب نه مليو ته ڪمپني ايف آئي اي ۾ پنهنجي شڪايت ڪئي شهباز گل ڪهڙي حيثيت سان گورنر هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي کنڊ، ڪڻڪ، گيس، پيٽروليم اسڪينڊلز ۾ ڪجهه ڪارروائي ڪئي؟ مرتضٰي وهاب چيو ته اين ايف سي جو اجلاس ٿيو وزير اعليٰ وزيراعظم جي سامهون ڳالهه رکي ته ڪٿي ويڪسين جي گهٽتائي نه ٿي وڃي اهي ماڻهو وفاء تي يقين ناهن رکندا اهي لوڻ کائيندا رهندا آهن پر وفاء ناهن ڪندا خوشي آهي ته سمورن صوبن ۾ اسڪيم ڏنيون ويون آهن پر وفاق اهڙي طرح جي پروجيڪٽ سنڌ لاءِ ڇو نٿا ڏين انهن جي سنڌ جي نمائندن کي چوندو آهيان ته ڇو پاڻ کي سستو وڪڻي رهيا آهيو اسد عمر چيو ته توهان ويڪسين لڳائيندا رهو شارٽيج ناهي ٿي پنهنجي نااهلي پڻ اسان تي وجهي رهيا آهن فيصل سلطان سچو ماڻهو آهي اسان جو ايگريمينٽ سائن آهي قيمت نٿا ٻڌائي سگهون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *