نيب ترميمي آرڊيننس 2019 جي منظور، صدر صحيح ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ) وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد صدر عارف علوي نيب جي ترميمي آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ترميمي آرڊيننس لاڳو ٿي ويو. قانون واري وزارت نيب ترميمي آرڊيننس 2019 لاءِ سمري وزيراعظم ڏانهن اماڻي، جنهن جي سرڪيوليشن ذريعي وفاقي ڪابينا کان منظوري ورتي وئي، وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد صدر به آرڊيننس تي صحيح ڪري ڇڏي. واضح رهي وفاقي ڪابينا (نيب) ترميمي آرڊيننس 2019ع جي منظڳوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب قانون جي وفاقي وزارت نيب ترميمي آرڊيننس جي سمري وزيراعظم عمران خان ڏانهن موڪلي ڇڏي جنهن جي ڪابينا ميمبرن سرڪيوليشن ذريعي منظوري ڏني، نئين آرڊيننس موجب کاتي ۾ ڪمزورين جي خلاف نيب ڪارروائي نه ڪندو اهڙن ملازمن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي جن جي خلاف نقصن مان فائدو وٺڻ جا ثبوت هوندا، آرڊيننس ۾ چيو ويو ته سرڪاري ملازم جي ملڪيت کي عدالتي حڪم کان سواءِ منجمند نه ڪري سگهبو ۽ جيڪڏهن 3 مهينن ۾ نيب جاچ مڪمل نه ٿي ته گرفتار سرڪاري ملازم ضمانت جو حقدار هوندو ان کان سواءِ نيب 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن ۽ اسڪينڊل تي ڪاررائي ڪري سگهندو، ترميمي آرڊيننس مطابق ٽيڪس، اسٽاڪ ايڪسچينج، آءِ پي اوز بابت معاملن ۾ نيب جو اختيار ختم ٿي ويندو انهن سمورن معاملن تي ايف بي آر، ايس اي سي سي پي ۽ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪارروائي ڪري سگهندا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *