مودي جي ڪشمير ۾ ٻاريل باهه سڄي ڀارت کي لپيٽي ورتو آهي: شاهه محمود

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جيڪا باهه ٻاري آهي، اها سڄي ڀارت ۾ پکڙجي وئي آهي. شاهه محمود قريشي جي صدارت هيٺ اڳوڻن پرڏيهي سيڪريٽرين جو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي جارحيت ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ اهم پرڏيهي پاليسي معاملن تي مشاورتي سلسلي کي جاري رکڻ اتفاق ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته مودي حڪومت جيڪا باهه والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻاري، اها سڄي ڀارت ۾ پکڙجي چڪي آهي، ترميمي شهريت قانون ۽ اين آر سي خلاف سيڪيولر ڀارت جا حامي سراپا احتجاج آهن، مودي سرڪار جي مسلم ڪش ۽ هندوتوا سوچ سڄي ڀارت کي ورهائي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪرفيو کي 144 ڏينهن گذري چڪا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ڀارت پنهنجي اندرين انتشار تان ڌيان هٽائڻ لاءِ لائن آف ڪنٽرول جون ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *