نااهل ۽ نالائقن جا ٿورا، بجيٽ جي منظوري ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وڌي وئي: سنڌ سرڪار

 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائی وزيرن سيد ناصر حسين شاھ، سعيد غني ۽ نواب تيمور ٽالپر چيو آهي ته نااهل ۽ نالائق مخالف ڌر جا ٿورائتا آهيون، جن بجيٽ جي منظوري ۾ ڪابه رڪاوٽ نه وڌي ، نہ ئي وري ڪٽوتي جي ڪا رٿ پيش ڪئي ۽ بجيٽ آساني سان منظور ٿيڻ ڏنو. ھنن چيو ته اسپيڪر جڏهن ايوان۾ بجيٽ لاءِ ووٽنگ ڪرائي ته ان جي ڪنهن به مخالفت نه ڪئي، جنھن جو مطلب آهي ته بجيٽ مشاورت ۽ گڏيل راءِ سان منظور ٿي آھي. اھڙن خيالن جو اظهار ھنن بجيٽ جي منظوري کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جي ميڊيا ڪارنر تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جا ايم پي ايز سيد ذوالفقار علي شاھ، راجا رزاق، منور وساڻ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چيو ته کين بجيٽ جي منظوري جي ڪابه تڪڙ نه ھئي. الله سائين جي مھرباني ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي شخصيت کي ڏسي سنڌ جي عوام کين اسيمبلي۾ واضح اڪثريت ڏني آھي. ھن چيو ته پيپلزپارٽي مخالف ڌر جي حڪمت عملي کي بھترين نموني سان ناڪام بڻايو آھي. مخالف ڌر جي بجيٽ تي سنجيدگي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته انھن ڪابہ ڪٽوتي جي تحريڪ جمع نہ ڪرائي، صرف گوڙ ڪندا رهيا ۽ پوءِ وري ھتي ميڊيا جي سامھون آئين۽ قانون جون ڳالهيون ڪن ٿا. انھن جي قيادت کي ضرور انھن کان پڇاڻو ڪرڻ گھرجي ته انھن بجيٽ تي ڪٽوتي جون رٿون ڇو جمع نہ ڪرايون. قومي اسيمبلي۽ ٻين صوبائي اسيمبلين۾ ايئن ناھي ڪيو ويو.  سنڌ واحد اسيمبلي آھي ، جتي مخالف ڌر مروج طريقي ڪار اختيار ناهي ڪيو ۽ فقط گوڙ  ڪندي رھي. ھن چيو ته ڪراچي تي مالڪي جي دعوا ڪرڻ وارا نہ ٽن ۾ آھن نہ وري تيرھين ۾ ، ڪراچي جي ستن ضلعن مان ٽن ۾ ته انھن جو وجود ئي ڪونهي. اھي تمام گھڻو گوڙ ڪري رھيا ھئا ته ڪراچي لاءِ بجيٽ۾ ڪابه اسڪيم ناھي رکي وئي. سيد ناصر حسين شاھ چيو ته ڪراچي شھر لاءِ 991 ارب رپين جون اسڪيمون آھن، جڏهن ته ھلندڙ مالي سال۾ ڪراچي جي اسڪيمن لاءِ 90 ارب رپيا رکيا ويا آهن. صوبائي وزير تعليم سعيد غني  چيو ته ھو نالائق۽ نا اھل مخالف ڌر جا ٿورا مڃڻ چاھي ٿو، جن سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ جي منظوري۾ ڪابہ رڪاوٽ نہ وڌي ، پر کين سپورٽ ڪيو. نہ ڪو ڪٽ موشن آندا ويا ۽ نہ ئي وري بجيٽ جي مخالفت ڪئي وئي. ھن چيو ته اڄ تاريخي ڏينهن آھي ، بجيٽ آساني سان منظور ٿي وئي. اپوزيشن اسان تي الزام لڳائڻ بدران پنھنجي اندر ڏسي پي ٽي آئي، ايم ڪيو ايم ۽ مخالف ڌر جي ٻين جماعتن۾ ڪيترو پاڻ ۾ ڪوآرڊينيشن ھو. جيڪي ڪجھ ھي ڪندا رھيا،ان جو نقصان فقط مخالف ڌر کي ٿيو. مخالف ڌر کي ته موقعو ملندو آهي ته اھي مختلف کاتن جي بجيٽ تي ڳالھائين ۽ پنھنجي تڪن جي مسئلن جي نشاندهي ڪن ، پر انهن ھي موقعو ضايع ڪري ڇڏيو. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ليڊر آف اپوزيشن اڄ اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايم ڪيو ايم ھنن سان ھڪ ھٿ ڪري وئي. ڪالهوڪي اجلاس۾ حليم عادل شيخ پاڻ ايم ڪيو ايم سان گڏ  ايوان۾ فلور تي ويھي احتجاج ڪندو رھيو . سعيد غني چيو ته اھو انھن جو پاڻ ۾ مسئلو آهي ۽ پاڻ ئي طئي ڪن تہ ڪير ڪنھن سان ھڪ ھٿ ڪري ويو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير نواب تيمور ٽالپر چيو ته 25 سالن ۾ پھريون ڀيرو سنڌ حڪومت جي پاليسين۽ بجيٽ خلاف ڪابہ ڪٽوتي جي رٿ نه آئي، جنھن جو مطلب آهي ته مخالف ڌر اسان جي بجيٽ سان سو سيڪڙو متفق آهي. ھن چيو ته مخالف ڌر مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. حليم عادل شيخ ھن وقت جو سڀني کان بدترين ليڊر آف اپوزيشن آھي، جنھن کي بجيٽ تقرير بہ نصيب نہ ٿي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *