حڪومت جو موبائيل فون تي 5 منٽن کان وڌيڪ ڳالهائڻ تي 75 پئسا ٽئڪس لڳائڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي ناڻي واري وزير شوڪت ترين هڪ دفعو ٻيهر آئي ايم ايف کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته غريب عوام تي بار نه وجهنداسين بجلي جو ٽيرف نه وڌايو ويندو، اسان کي هاڻي واڌ تي ئي ڀاڻڻو آهي، جيستائين معاشي واڌ نه ٿيندي نه نوان روزگار پيدا ٿيندا نه ڪمائي وڌندي، 40 لک گهراڻن کي سستا گهر ٺاهي ڏينداسين زرعي شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي ٽن لکن تائين بنا وياج قرض ڏينداسين ۽ 2 لک ٽريڪٽر ليز ڪرڻ لاءِ ڏينداسين، شهري علائقن جي غريب گهراڻن کي 5 لک جو بنا وياج قرض ڪاروبار لاءِ ڏنو ويندو حڪومت هاڻي زراعت تي پئسا خرچ ڪندي، ٽيڪس ڏيندڙ ۽ ٽيڪس حاصل ڪندڙ وچ ۾ آٽوميٽڪ نظام آڻي رهيا آهيون بجيٽ ۾ 12 وڌ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪري رهيا آهيون موبائيل فون ڪالز، ايس ايم ايس ۽ انٽرنيٽ تي ٽيڪس ۾ تبديلي آڻي آهي، انٽرنيٽ ۽ ايس ايم ايس تي هاڻي ڪوئي ٽيڪس نه هوندو صرف فون ڪالز تي 5 منٽ کان وڌيڪ ڳالهائڻ تي 75 پئسا ٽيڪس لڳندو. آٽو سيڪٽر لاءِ نئين پاليسي جوڙي پئي وڃي منهنجي گاڏي اسڪيم متعارف ڪرائينداسين جمعي تي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحٿ ختم ڪندي شوڪت ترين چيو ته پاور سيڪٽر ۾ صلاحيتي ادائيگي جو مسئلو آهي ان جي ڪري 900 ارب رپيا اسان هن مد ۾ ادا ڪري رهيا آهيون جيڪو اسان استعمال به نٿا ڪريون جڏهن ته ٽيرف ۾ ڪائي واڌ نه پيا ڪريون ناڻي وزير چيو ته 2018 ۽ 2019 وچ ۾ واڌ گهٽجي 2 سيڪڙو تائين اچي وئي هئي جڏهن ته عمران خان صاحب سخت فيصلا ڪيا جنهن مان هڪ اڏاوت واري شعبي کي مٿي آڻڻ آهي ۽ هي وڏو قدم هو ان ۾ قانونن کي صحيح ڪرڻ جي ضرورت هئي مارڪ اپ جي شرح گهٽائڻي هئي ۽ آءِ ايم ايف کان مراعتون وٺڻيون هيون ان کان علاوه حڪومت زراعت کي هٿي ڏني جنهن جي ڪري چار فصل بمپر لٿا هن ٻڌايو ته ڪرونا وائرس دوران سڄي دنيا ۾ منفي واڌ ڏٺي وئي پر هن سال جي بجيٽ ۾ اسان چيو هو ته 2.1 سيڪڙو واڌ ٿيندي جڏهن ته هي ان کان ٻيڙي 4 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي هن چيو ته هاڻي اسان جي حڪمت عملي ۾ اهو آهي ته اسان کي هاڻي واڌ تي ئي ڀاڙڻڻو آهي جيستائين معاشي واڌ نه ٿيندي ۽ نوان روزگار پيدا ٿيندا نه ڪمائي وڌندي شوڪت ترين چيو ته ريئل اسٽيٽ انويسٽمينٽ ٽريٽ سرٽيفڪيٽ کي وڌائي 25 سيڪڙو ڪري ڇڏيو هو ان کي گهٽائي انهيءَ جي تجويز تي 15 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته اي ڪامرس پليت فارمز تي ٽيڪس لڳايو ويو جڏهن ته ان کي رجسٽرڊ تي ٻڙو ۽ ان رجسٽرڊ تي 2 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي انڪم ٽيڪس جي شرح 35 سيڪڙو ڪري ڇڏي هئي ان کي 20 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته کير تي لاڳو ٽِڪس ختم ڪئي وئي آهي سون ۽ چاندي تي لڳل 17 سيڪڙو ٽيڪس گهٽائي ترتيبوار هڪ ۽ 3 سيڪڙو ڪئي پئي وڃي ان جي ويليو ايڊيشن تي 17 سيڪڙو ٽيڪس برقرار رهندي هن واضح ڪيو ته اٽي ۽ ان جي شين بابت ٽيڪس لڳائڻ بابت هڪ ابهام پيدا ٿيو هو اهو ختم ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته ٻيهر واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته ان تي ڪوئي ٽيڪس ناهي لڳايو ويو هن چيو ته اسان جيڪا ترقي ڪري رهيا آهيون ان ۾ پي ايس ڊي پي جو وڏو هٿ آهي حڪومت 40 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي. وفاقي وزير چيو ته ملڪ جو هلندڙ سال 7.1 سيڪڙو مالي خسارو رهيو آهي ۽ ايندڙ سال ان کي 6.3 سيڪڙو تي کڻي وينداسين. پرائمري خسارو 2018 ۾ 3.8 سيڪڙو هو ۽ ان کي اسان 1.1 سيڪڙو تي آندو آهي ۽ ايندڙ سال هي 0.6 سيڪڙو تي ويندو هن چيو ته حڪومت هاڻي زراعت تي پيسا خرچ ڪندي اسان کي پنهنجي آمدني وڌائڻي آهي ته زراعت تي ڌيان ڏيڻو پوندو. ناڻي واري وزير چيو ته احساس پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 20 لک گهراڻن کي 12 هزار رپيا ڏنا ويا ايندڙ سال هن پروگرام تحت 260 ارب رپيا رکيا ويا آهن جنهن تي غريبن جي صحت ۽ تعليم تي ڏنا ويندا هن چيو ته حڪومت جون 2022 تائين 10 ڪروڙ ماڻهن کي ڪرونا ويڪسين لڳائڻ جو وڏو حدف مقرر ڪيو آهي هن چيو ته وزيراعطم عمران خان اليڪٽرانڪ ووٽنگ نظام متعارف ڪراڻ چاهي ٿو ڇو ته سندس خيال آهي ته آزاد ووٽنگ لاءِ اهو ضروري آهي ۽ هن بجيٽ ۾ ان لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته عمران خان جو نظريو گذريل حڪومتن کان مختلف آهي ۽ هن ڊيم جي اڏاوت لاءِ پئسا رکيا آهن هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سڀني جي ترقي تي يقين رکي ٿو عمران خان بجيٽ ۾ اهڙا قدم کنيا آهن جو ان نظريي کي عملي شڪل ملي سگهي ۽ اسان جو مستقبل بهتر ٿئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *