پاڪستان کي بدستور ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد (اين اين آءِ) ايف اي ٽي ايم پاڪستان کي گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان 27 مان 26 نقطن تي مڪمل عمل ڪيو، پاڪستان جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي پاڪستان اڃا تائين ڪيترن ئي شعبن ۾ ايف اي ٽي ايف جي عالمي سطح جي معيارن تي موثر عملدرآمد ۾ ناڪام رهيو آهي، مني لانڊرنگ جا خدشا اڃا به گهڻا آهن. ايف اي ٽي ايف پاڪستاني حڪومت سان انهن شعبن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي جتي سڌاري جي ضرورت آهي. اسان سمورن ملڪن کي برابر سمجهون ٿا پاڪستان کي سمورا 27 حدف حاصل ڪرڻ بنا گري لسٽ مان نٿو ڪڍي سگهجي پڌرائي موجب ايف اي ٽي ايف جي صدر مارڪوس پليئر اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اجلاس ۾ ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي هن ٻڌايو ته گهانا گري لسٽ جي حوالي سان بهتر ڪم ڪيو آهي ۽ ان کي گري لسٽ مان هٽايو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستان بدستور نگراني ۾ رهندو پاڪستاني حڪومت دهشتگردي ٽوڙ فنانسگ نظام کي مضبوط ۽ موثر بنائڻ لاءِ سٺو ڪم ڪيو ايف اي ٽي ايف جي صدر چيو ته پاڪستان 27 مان 26 نقطن تي ڪم ڪيو آهي جڏهن ته هڪ پوائنٽ تي ڪم ڪرڻ ضروري آهي. ياد رهي ته پاڪستان فيبروري 2021 ۾ پنهنجي ٽين اڳڀرائي رپورٽ ايف اي ٽي ايف ۾ پيش ڪئي هئي جنهن جو جائزو ورتو ويو هو ۽ پاڪستان کي بدستور گري لسٽ ۾ رکيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *