نئين سال جي بجيٽ مان سنڌ جون 36 رٿائون ختم ڪرڻ وفاق جي ناانصافي آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ايندڙ ترقياتي پروگرام پي ايس ڊي پي 20-2019 مان 36 اهم رٿائون ختم ڪيون ويون آهن حالانڪه انهن ۾ وڌيڪ غير ملڪي امداد تحت منصوبا هئا. هن چيو ته اهو سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي آهي ۽ انهيءَ سان سنڌ جي ماڻهن ۾ احساس محرومي ۽ اڪيلائپ وڌيڪ وڌندي. هن اها ڳالهه اڄ نيشنل اڪنامڪ ڪونسل (اين اي سي) جي اجلاس جي تياري بابت وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اين اي سي جو اجلاس اسلام آباد ۾ اربع ڏينهن منعقد ٿيندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاه ۽ سنڌ جو نمائندو نثار احمد کهڙو اجلاس ۾ شرڪت ڪندا. وڏي وزير چيو آهي ته پي ايس ڊي پي جي مڪمل پورٽ فوليو ٻئي موجوده ۽ نئين جي ڪاٿو لاگت  8 ٽريلين رپيا هئي جنهن ۾ سنڌ جي حوالي سان اسڪيمن جي لاڳت 540 بلين رپيا هئي. انهيءَ جو مطلب هي نڪري ٿو ته سنڌ جي پي ايس ڊي پي ۾ حصو فقط 7 سيڪڙو آهي. هن چيو آهي ته هن صوبي جي ماڻهن سان ناانصافي آهي. مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي 51 بلين رپين کان وڌيڪ لاڳت جون 36 اسڪيمون هيون جنهن ۾ پاڻي، روڊن ۽ ٻين شعبن جي غير ملڪي امداد تحت اسڪيمون شامل هيون جنهن کي سيپٽمبر 2018 ۾ نظرثاني کانپوءِ 19-2018 جي پي ايس ڊي پي مان زورآوري ڪندي ختم ڪيون ويون. 19-2018 پي ايس ڊي پي مان ختم ڪيل اسڪيمن ۾ سکر بيراج جي ماڊرنائيزيشن ۽ بحالي جي اسڪيم پڻ شامل هئي. اهو ورلڊ بينڪ فنڊنگ پراجيڪٽ هو جنهن ۾ 80 سيڪڙو فنڊز ورلڊ بينڪ ڏيندو ۽ سنڌ حڪومت 10 سيڪڙو ، وفاقي حڪومت به صرف 10 سيڪڙو 20-2019 ۾ پنهنجي حصي کي برداشت ڪندا. ٻئي اسڪيم جيڪا ختم ڪئي وئي اها سکر-روهڙي وچ ۾ درياءِ سنڌ تي اپروچ روڊن سان نون پلن جي تعمير جي هئي جنهن جو اعلان وزيراعظم نواز شرف پنهنجي سکر جي دوران دوران ڪيو هو. 88 ڪلوميٽر ميرپورخاص-عمرڪوٽ سيڪشن جي تعمير، سائوٿرن باءِ پاس حيدرآباد (اي ڊي پي) جي تعمير، موجوده 200 ڪلوميٽر ڪيرج وي سيهوڻ، رتوديرو جي بحالي، ڪي بي فيڊر تي ڪينال کان ڪراچي شهر لاءِ پاڻي جي فراهمي جي لائيننگ، جنهن جي لاڳت ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو حصو 50-50 سيڪڙو هوندو. فيڊر ڪينال کان منڇر جهيل جي تعمير جنهن تي پڻ لاڳت جو تناسب 50-50 سيڪڙي جي بنياد تي هو. وڏي وزير چيو آهي ته ڄامشورو کان سيهوڻ سيڪشن روڊ مس مينجمنٽ جي هڪ اعليٰ مثال آهي جنهن جا ٽي روڊ آهن. سنڌ حڪومت لاڳاپيل اهم روڊ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 7 ارب رپيا فراهم ڪيا پر بدقسمتي سان انهيءَ تي ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي. هن چيو آهي ته هو وفاقي حڪومت کي درخواست ڪندو ته اهي اين ايڇ اي کي هدايت ڪن ته اهي انهيءَ اسڪيم کي مڪمل ڪن يا سنڌ حڪومت کي پنهنجا 7 ارب رپيا واپس ڪن ته جيئن صوبائي حڪومت انهيءَ کي پنهنجي وسيلي سان مڪمل ڪرائي سگهي. مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت فنانس ڊويزن پورٽ فوليو ۾ ريفليڪٽ ٿيندڙ اسڪيمن جي مجموعي ايلوڪيشن ۾ سختي سان گهٽتائي ڪئي آهي جيڪا صوبائي حڪومتن کي شروع ڪرڻيون هيون. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي پورٽ فوليو ۾ ڪٽوتي ڪئي وئي آهي ۽ ڪيترائي اسڪيمون جيڪي هلندڙ هيون اهي مڪمل نه ٿي سگهيون اهي ختم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته هن وقت فقط 5 هلندڙ اسڪيمون آهن جنهن جي تخميني لاگت 23.9 بلين رپيا آهي جنهن لاءِ فقط 1.77 بلين رپيا ايندڙ مالي سال 20-2019 ۾ رکيا ويا آهن.مراد علي شاهه واضح ڪيو آهي ته 20-2019 لاءِ فنانس ڊويزن جي مجموعي ايلوڪيشن 36.61 رپيا هئي. ڪي پي ڪي /ايف ٽي اي کي 75 سيڪڙو فنڊز، بلوچستان کي 15 سيڪڙو ، سنڌ کي فقط 4.85 سيڪڙو ۽ پنجاب کي 4 سيڪڙو ڏنا ويا آهن. مراد علي شاهه چيو ته ڪجهه اسڪيمون جيڪي سنڌ حڪومت شروع ڪيون هيون انهن کي پي ايس ڊي پي 20-2019 مان ختم ڪيو ويو اهي هيٺ ڄاڻائجن ٿيون:

ايس-III

ايس-III منصوبي تي ايڪنڪ 7 فيبروري 2018 جو 7.982 بلين رپيا نظرثاني ڪندي 36.117 ڪيو هو، منصوبي جي لاڳت ۾ اصل ۾ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي حصي جو تناسب 50:50 جو تناسب هو، پر وفاقي حڪومت نظرثاني شده لاڳت جو 50 سيڪڙو ڏيڻ تي آمادگي ظاهر نه ڪئي. مجموعي خرچن، وفاقي حڪومت جي حصي تي جون 2018 کان 3.129 بلين رپيا هو. وفاقي حڪومت پي ايس ڊي پي 19-2018 ۾ اصل لاڳت جو بيلنس شيئر جي طور تي رکيو جيڪو 862 ملين رپيا آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ فقط 344 ملين رپيا جاري ڪيا. 517 ملين رپيا اڃان به اصل وفاقي حڪومت پاران ڏنل حصي مان باقي آهن انهيءَ کي به پي ايس ڊي پي مان ختم ڪيو ويو آهي.

ضلعي حيدرآباد ۾ روڊن جي تعمير:

اهو منصوبو سي ڊي ڊبليو پي 18 مارچ 2010 جو ڪليئر ڪيو هو، اها اسڪيم حڪومت 12-2011 ۾ بيراج فنانسنگ ذريعي مڪمل ڪرڻي هئي. 175.864 ملين رپيا وفاقي حڪومت پاران باقي آهن. اسڪيم 20-2019 پي ايس ڊي پي مان ختم ڪئي وئي.

پاڻي جي فراهمي جي اسڪيم، ايس بي اي:

299.71 رپين جي رقم وفاقي حڪومت جي حصي جي التوا هيٺ آهي.

چشمن جي لائيننگ:

هي 109 چونڊ ڪينالن جي لائيننگ جنهن جي ڊيگه 807 ميل آهي جنهن جي منظور شده لاڳت 13.828 بلين رپيا آهي. 8.069 بلين رپين جا خرچ جون 2018 تائين ٿيا. هي اسڪيم به 20-2019 پي ايس ڊي پي مان ختم ڪئي وئي آهي.

ايريگيشن جي بحالي:

سنڌ جي ايريگيشن ۽ ڊرينيج سسٽم جي بحالي لاءِ 16.795 بلين رپين جي منظوري ڏني وئي. 13.386 بلين رپيا 30 اپريل 2019 تائين خرچ ٿي چڪا آهن ۽ 3.409 بلين رپيا ڇڏي ڪري اها اسڪيم به پي ايس ڊي پي مان ختم ڪئي وئي آهي.

وڏي وزير چيو ته هڪ اندازي موجب 8 بلين رپين کان وڌيڪ قرض ورتل مڪمل ڪيل منصوبن کي ڇڏيو ويو آهي جيڪي انهن اسڪيمن لاءِ مشروط هئا. تنهن ڪري وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو صوبائي حڪومت کي رقم جاري ڪري. مراد علي شاهه چيو آهي ته اين ايڇ اي اسڪيمون شروع ڪيون (سي پيڪ سميت) جنهن جو حم 78 منصوبا هو ۽ تخميني لاڳت 2 ٽريلين رپيا آهي، جنهن لاءِ 156 بلين رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ جي مجموعي پورٽ فوليو ڪميونيڪشن (اين ايڇ اي) تحت 6 رٿائون تي ٻڌل آهي جنهن تي مجموعي لاڳت جو تخمينو 74 بلين رپيا آهن، جڏهن ته انهيءَ لاءِ 20-2019 ۾ فقط 7.7 بلين رپيا رکيا ويا آهن. ان پورٽ فوليو جو مجموعي حصو مجموعي اين ايڇ اي پورٽ فوليو جو 4.9 سيڪڙو ٺهي ٿو. پنجاب جون 21 اسڪيمون آهن ۽ انهن جون حصو 34 سيڪڙو ٺهي ٿو. ڪي پي ڪي جو حصو 21 سيڪڙو ۽ بلوچستان جو حصو 23 سيڪڙو آهي.

واٽر سيڪٽر (واپڊا پاران شروع ڪيل منصوبو):

واٽر سيڪٽر تحت اسڪيمن جي مجموعي تعداد 97 آهي، انهن جي مجموعي لاڳت جو تخمينو 2.34 ٽريلين رپيا آهي. 20-2019 لاءِ 84.7 بلين رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ جو مجموعي پورٽ فوليو واٽر سيڪٽر جي مجموعي لاڳت 175.59 بلين رپيا آهي جنهن لاءِ 20-2019 جي تحت 19 اسڪيمن لاءِ 7.02 بلين رپيا رکيا ويا آهن. تناسب جي حوالي سان واٽر سيڪٽر جي مجموعي لاڳت جو هي فقط 7 سيڪڙو ٺهي ٿو ڇوته واٽر سيڪٽر جي مجموعي لاڳت 2.3 ٽريلين رپيا آهي.

مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي پورٽ فوليو جي مجموعي لاڳت 175 بلين رپيا آهي ڇوته 2 وڏيون اسڪيمون آر بي او ڊي I ۽ II فقط انهن ٻن اسڪيمن جي لاڳت جو تخمينو 54.56 بلين رپيا ۽ 17.5 بلين رپيا آهي. اهي منصوبا اصولي طور تي نيشنل پراجيڪٽس پورٽ فوليو تحت هجڻ گهرجن ڇوته اهي اسڪيمون بلوچستان مان اچي رهيون آهن ۽ انهن جي غير ماحولياتي اثرات سان سڄو صوبو متاثر ٿي رهيو آهي. آر بي او ڊي II تي 26 جولائي 2017 تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪم تي نظرثاني ڪئي وئي ۽ انهيءَ جي مجموعي لاڳت 61.985 بلين رپيا رکي وئي ۽ تڪميل جي تاريخ جون 2020 آهي. وفاقي حڪومت جو حصو 54.985 بلين رپيا آهي ۽ انهيءَ جا تخميني خرچ جون 2019 تائين 37.017 بلين رپيا ٿيندا ۽ 17.968 بلين رپيا ڇڏيا ويا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته آر بي او ڊي II کي 20-2019 ۾ مڪمل ڪرڻو آهي انهيءَ ڪري وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو 17.968 بلين رپيا ڏئي ته جيئن انهيءَ کي جون 2020 تائين مڪمل ڪري سگهجي. هن واضح ڪيو ته وفاقي حڪومت 20-2019 لاءِ 17.968 بلين رپين کي ڇڏي 1.5 بلين رپيا رکيا آهن. سنڌ حڪومت جو حصو 7 بلين رپيا آهي جنهن مان 3 بلين رپيا استعمال ٿي چڪا آهن ۽ 4 بلين رپيا 20-2019 اي ڊي پي ۾ رکڻ جي تجويز آهي. وڏي وزير چيوته ڊراوت ڊيم جي لاڳت 11.7 بلين رپيا آهي جنهن لاءِ وفاقي حڪومت 3.02 بلين رپيا ڇڏي 600 ملين رپيا رکيا آهن. مراد علي شاهه واضح ڪيو آهي ته واپڊا نئين گاج ڊيم جيڪو 2009 کان تعيمر ٿي رهيو آهي انهيءَ جي نظرثاني ڪندي 46 بلين رپيا جي آهي. هن چيو ته هي منصوبو وفاقي حڪومت جي فنڊنگ تحت هلندڙ آهي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت فقط 1.88 بلين رپيا ڏنا آهن. ايڪنڪ تجويز ڪيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي اهو پهرين نظرثاني کان حصي جو 50 سيڪڙو ڏئي جيڪو صوبي جي ماڻهن سان ناانصافي آهي.

ننڍا ڊيم؛

ننڍن اسٽوريج ڊيمن جي تعمير، ڊيلي ايڪشن ڊيم، ري ٽينشن وائيرز ۽ آي ايس ايس او بيريئرز سنڌ ۾ (مختلف ضلعا). هن اسڪيم لاءِ 12.211 بلين رپيا جي منظوري ڏني وئي ۽ 30 اپريل 2019 تائين ان تي 5.731 بلين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن ۽ 6.479 بلين رپيا ڇڏيا ويا. وفاقي حڪومت 6.479 بلين رپين کي ڇڏيندي 20-2019 لاءِ 600 ملين رپيا ڏنا آهن.

مکي فراش:

مکي فراش لنڪ ڪينال منصوبو ٿرڪول کي پاڻي جي فراهمي بابت هڪ اهم منصوبو آهي، هن اسڪيم لاءِ منظور شده لاڳت 10.612 بلين رپيا آهي جيڪا 50:50 جي حصي جو تناسب جي بنياد تي آهي انهيءَ تي 30 اپريل 2019 تائين وفاقي حڪومت جي حصي جو 3.842 رپين کي ڇڏيندي 2.495 بلين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. وفاقي حڪومت 20-2019 پي ايس ڊي پي ۾ هن منصوبي لاءِ 500 ملين رپيا رکيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *