ايٽمي پروگرام ڏيندڙ کي ڦاهي ۽ ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائيندڙ جيل ۾ آهي: خواجه آصف

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ جي پارلياماني ليڊر خواجه محمد آصف چيو آهي ته ايٽمي پروگرام شروع ڪندڙ کي ڦاهي ڏني وئي، ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ وارو جيل ۾ آهي، اڱاري تي قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي خواجه آصف چيو ته 28 مئي يوم تڪبير آهي، اڄ ذوالفقار ڀٽو کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي جنهن ايٽمي پروگرام شروع ڪيو ۽ ان جي بدلي کيس ڦاهي ڏني وئي، جنهن شخص ايٽم طاقت پاڪستان کي بڻايو اهو اڄ جيل ۾ آهي، اڄ ٻنهي هيرن  ذاوالفقار ڀٽو ۽ نواز شريف کي ياد ڪرڻ جو ڏينهن آهي، هن چيو ته اڄ هڪ چونڊيل وزيراعظم ڪوٽ لک پت جيل ۾ آهي ۽ هڪ ڦاهي تي چڙهي ويو، هي وقت هي ايوان جمهوريت ۽ سرحدن جي حفاظت ڪرڻ جو، قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مراد سعيد چيو ته اڄ 28 مئي آهي اڄوڪي ڏينهن تي ڊاڪٽر قدير خان نه وسارڻ گهرجي جنهن سبب پاڪستان ايٽمي طاقت بڻيو، هن چيو ته پاڪستان اندرين ۽ ٻاهرين خطرن جي گهيري ۾ آهي جن جو مقابلو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته خطرن جو مقابلو ان وقت ٿيندو جڏهن اسان لسانيت، قوميت کان مٿانهون ٿي پاڪستاني بڻجي سوچينداسين، هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ئي ذاتي ڪرپشن سبب جيل ۾ آهي ته 28 مئي کي تڪراري نه بڻايو هو ڪرپشن سبب اڄ جيل ۾ آهي، هن چيو ته 23 هزار ارب رپين جو قرض ڪيئن چڙهي ويو، هن چيو ته توهان پاڻ ڊاڪٽر قدير جهڙن ماڻهن کي وساري ڇڏيو ٿا جڏهن اقتدار ۾ اچو ٿا، هن چيو ته 35 سالن تائين توهان هڪ اسپتال ٺاهي نه سگهيا جتي گهٽ ۾ گهٽ اڳوڻي وزيراعظم جو علاج ٿي سگهي، هن چيو ته جڏهن اسان احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هي گوڙ شروع ڪن ٿا. هن چيو ته توهان وچن ڪريو ته لسانيت بدران پاڪستانيت تي هلائيندا ته پاڪستان ترقي ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *