مٽيار جي تڪ اين اي 218 تي پ پ اميدوار مخدوم سعيد الزمان 8404 ووٽ کڻي ڪامياب، غير سرڪاري نتيجا

مٽياري (ڊ ر) مٽياري جي تڪ اين اي 218 جي چونڊ ۾ پ پ اميدوار مخدوم سعيد الزمان ڪامياب ٿي ويو، خابرو ادارن موجب تڪ جي 17 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جو اميدوار مخدوم سعيد الزمان کي 8404 ۽ مجلس وحدت المسلمين جي اميدوار شاهه فرمان کي صرف 1018 ووٽ مليا آهن، ياد رهي ته اها سيٽ پ پ اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي لاڏاڻي تي خالي ٿي هئي، جنهن کان پوءِ ان تڪ تي چونڊ ڪرائي وئي. ٻئي طرف مٽياري جي تڪ اين اي 218 تي ننڍي چونڊ ۾ آزاد اميدوار ڌانڌليءَ جو الزام هڻي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. مٽياري جي تڪ اين اي 218 تي ننڍي چونڊ ۾ آزاد اميدوار اشرف نوناريءَ، مخدوم هائوس ۽ اليڪشن ڪميشن تي ڌانڌليءَ جو الزام هڻي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. اين اي 218 تي ننڍي چونڊ ۾ ووٽنگ عمل پورو ٿيڻ کان رڳو 2 ڪلاڪ اڳ مٽياري پريس ڪلب تي پريس ڪانفرس ڪندي آزاد اميدوار اشرف نوناري چيو ته پ پ اميدوار سرڪاري مشينري استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن تي مڪمل طور پ پ اميدوارن جي اثر هيٺ آهي. اشرف نوناري چيو ته ضلعي ۾ تمام گهٽ ووٽ ڪاسٽ ٿيا ۽ سرعام ڌانڌلي ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته پ پ طرفان اهڙو اميدوار بيهاريو ويو آهي جيڪو لطيف جي فڪر جو انڪاري آهي. اشرف نوناريءَ چيو ته ڌانڌلين ۽ سرڪاري مشينري استعمال ٿيڻ سبب هو چونڊ جو بائيڪاٽ ڪن ٿا، انصاف لاءِ عدالت جو در کڙڪايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *