ڪراچي: سپر هاءِ وي تي ڊمپر جو رڪشا کي ٽڪر، 5 ماڻهو اجل جو شڪار

ڪراچي (اي پي پي) ڪراچي سپر هاءِ وي تي ڊمپر ٽرڪ ۽ رڪشا ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. پي ٽي وي جي رپورٽ موجب گذريل ڏينهن صبح ڪراچي سپر هاءِ وي گلشن حديد جي هنڌ تي تيز رفتار ڊمپر رڪشا تي چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ماڻهو موقعي تي اجل جو شڪار ٿي ويا. پوليس موجب اجل جو شڪار ٿي ويلن جا لاش جناح پوسٽ گريجوئيٽ منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، شروعاتي جاچ موجب حادثو تيز رفتاري ۽ ڊمبر ڊرائيور جي غلطي سبب پيش آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *