ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو ڌماڪو،6 اهلڪار شهيد

ڪوئيٽا(م.ڊ) ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا، شروعاتي رپورٽن مطابق ڪوئيٽا جي مارگٽ واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ علائقي ۾ ڀاڄ پئجي وئي، ڌماڪي سب فورسز جي گاڏي تباهه ٿي وئي، جڏهن  ته شروعاتي خبرن مطابق ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 اهللڪار ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا، خبر پوڻ تي ايف سي سوڌو سيڪيورٽي فورسز جا وڏا اٽالا پهچي ويا، جن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ امدادي ڪارروايون ڪري شهيد ٿي ويل اهلڪارن جا لاش اسپتال نيا ويا، سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ان مهل ٿيو، جڏهن سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي اتان گذري رهي هئي، اها خبر ناهي پئجي سگهي ته ڌماڪو ڪهڙِ نوعيت جو هو پر شروعاتي ڄاڻ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول بم ذريعي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *