ميچ فڪسنگ ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ۽ ڪرپشن ۾ ملوث رانديگرن کي قيد جي سزا ايندي: پي سي بي

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) ميچ فڪسنگ جي روڪٿام لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ اهم فيصلو ڪيو آهي، تجويز ڪيل قانون تحت سٽي بازي خلاف پڻ ڪارروائي ٿيندي پي سي بي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ميچ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 35

فڪسنگ ۽ ڪرپشن ۾ ملوث ۽ ڪرپشن ۾ ملوث رانديگرن کي قيد جي سزا ايندي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ نئون قانون ٺاهي ورتو آهي. تجويز ڪيل قانون موجب ۽ اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگرن تي فوجداري ڪيس به هلي سگهندو. ان کان اڳ قانون نه هجڻ ڪري رانديگرن خلاف فوجداري ڪارروائي نه ٿي سگهندي هئي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ڪرپشن ٽوڙ قانون جو ابتدائي مسودو وزيراعظم اڳيان رکيو ويو آهي. پي سي بي جي چيئرمين احسان ماني تجويز قانون تي وزيراعظم کي بريفنگ ڏني آهي ۽ ان سان صلاح مشورو ڪيو آهي. پي سي بي انتظاميا موجب ڪرپشن جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. نئين قانون ۾ ڊوميسٽڪ، نيشنل ۽ انٽرنيشنل ليول تي ڪرپشن جي روڪٿام لاءِ قانونسازي ڪئي وئي آهي، تجويز ڪيل قانون جي پارليامينٽ مان منظوري بعد لاڳو هوندو. پي سي بي اينٽي ڪرپشن پوليس ۽ جاچ ڪندڙ ادارن سان ملي ڪارروائي ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *