ٽيسٽ اوپنر عابد علي انگلينڊ جي دوري کي وڏو چيلنج قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيت ٽيم جي اوپنر عابد علي انگلينڊ جي دوري کي هلندڙ صورتحال دوران هڪ وڏو چيلنج قرار ڏئي ڇڏيو آهي.قومي ٽيسٽ ٽيم جي اوپنر چيو آهي ته انگلينڊ جي دوري ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 38

 کي ڏسي تياري جو موقعو ملندو. ڪوشش هوندي ته پرفارمس برقرار رکان. عابد علي چيو ته هن ڀيري پچز مختلف هونديون ڪوشش ڪندس ته پاڻ کي ايڊجسٽ ڪري بهترين ڪارڪرگي جو مظاهرو ڪندس.هن چيو ته پرفارمنس جي بنياد تي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي سي سي بي ڪيٽيگري ۾ آيو آهيان ڪوشش هوندي ته وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ٽيم جي ڪاميابي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريان.عابد علي چيو ته ڪورونا وائرس سبب ڪرڪيٽ مختلف  ٿي وئي آهي. انگلينڊ جلد پهچي تياري جو موقعو ملندو. انگلينڊ جو دورو ڪنهن چيلنج کان گهٽ نه آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ 5 آگسٽ تي مانچسٽر ۾ کيڏيو ويندو.قومي ٽيم ٻيون، ٽيون ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز سائوٿمپٽن ۾ کيڏندي. ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽوئنٽي سيريز 28 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تي کيڏي ويندي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان انگلينڊ جي دوري لاءِ 29 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ فواد عالم ۽ سرفراز احمد سان گڏوگڏ نوجوان حيدر علي کي به شامل ڪيو ويو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *