صوبن کي متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعطم عمران خان کي ٻڌايو ويو آهي ته ڪرونا ٽيسٽ ڪندڙ 107 ليبارتريون ڪم ڪري رهيون اهن ۽ روزانو جي بنياد تي 25 هزار ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن 4800 وينٽي ليٽرز ۾ وڌيڪ 1600 جي واڌ جلد ٿي ويندي. اين 95 ۽ وينٽي ليٽرز مقامي طور تي تيار ڪيا پيا وڃن جولا3 تائين سمورين صوبن جي اسپتالن ۾ 2000 بسترن جي واڌ ڪئي ويندي جڏهن ته وزيراعظمعمران خان چيو آهي ته ڪرونا بابت حفاظتي لباس ۽ پرسنل پروٽيڪٽو ڪٽس جون سموريون ضرورتون بهتر نموني سان پوريون ڪيون پيون وڃن حفاظتي قدمن جي ڪري ڪرونا پکڙجڻ کي بهتر نموني سان روڪي سگهجي پيو ان ڏس ۾ عوام جو خاص ڪردار اهي صوبن کي متاثر علائقن ۾ سمال لاڪ دائون لاءِ هدايتون ڏنيون ويون اهن ان حوالي سان زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي اهڙا قدم کنيا وڃن سومر تي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪرونا جي صورتحال جي حوالي سان جائزي وارو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيٽر شبلي فراز اسد عمر اعجاز شاهه محمد حماد اطهر داڪتر حفيط سيخ ليفتيننت جنرل رٽائرد عاصم سليم باجوا داڪٽر فيصل سلطان چيئرمين اين دي ايم اي ۽ سينيئر افيسر شريڪ ٿيا اجلاس ۾ ڪرونا وائرس جي موجدوه صورتحال ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن جي ڪاٿن ۽ صورتحال کي منهن ڏيڻ لا3 کنيل قدمن تي غور ڪيو ويو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *