مون انوراگ ڪيشپ کي اداڪار بڻجڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: سوناڪشي سنها

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سوناڪشي سنها چيو آهي ته هن هدايتڪار انوراگ ڪيشپ کي اداڪار بڻجڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪاره سوناڪشي سنها جيڪا فلم ”اڪيرا“ ۾ هدايتڪار انوراگ ڪيشپ سان ڪم ڪري رهي آهي چيو آهي ته هن سٺي اداڪاري ڪئي آهي ۽ هو ڪردار جي حوالي سان مناسب آهي. اداڪاره چيو ته هن انوراگ کي مڪمل طور اداڪار بڻجڻ جي صلاح ڏني آهي. هن چيو ته هن اندر اداڪاري جي صلاحيت موجود آهي ۽ هو سٺو اداڪار ثابت ٿي سگهي ٿو. واضح رهي هدايتڪار انوراگ ڪيشپ پنهنجي پهرين فلم ”اڪيرا“ ۾ ناڪاري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *