سکڻ ۽ نوان تجربا حاصل ڪرڻ لاءِ فلمن ۾ ڪم ڪندي آهيان: ديويا دتا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ديويا دتا چيو آهي ته هو فلمن ۾ ڪم لاڳاپا وڌائڻ لاءِ نه پر سکڻ لاءِ ڪندي آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪاره چيو ته فلمن ۾ دوستن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي پر هو فلمن ۾ ڪم سکڻ ۽ نوان تجربا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪندي آهي. هن چيو ته هو انهن اداڪارائن مان ناهي جيڪي رڳو لاڳاپا وڌائڻ لاءِ ڪم ڪنديون آهن. اداڪاره چيو ته هن دور ۾ هر شئي ڪمرشل ٿي وئي آهي. واضح رهي ته سندس نئين ايندڙ فلم ”چاڪ اينڊ ڊسٽر“ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *